ليکڪ: ميان جمشيد
پنهنجي ڪئرير جي چونڊ ڪرڻ واقعي آسان ڪم ڪونه هوندو آهي. خاص ڪري انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي پنهنجي صلاحيتن ۽ ڪمزورين کان اڻ واقف هوندا آهن ۽ ڪڏهن هن اهم ڪم طرف سنجيدگي سان اُنهن ڌيان ئي نه ڏنو هجي. مڙئي ڪجھ درجا پڙهي ڪري، جيڪا نوڪري ملي سان قبولي ورتي. ڪڏهن به اِهو نه سوچيو ته ڇا منهنجي پڙهائي، منهنجو روزگار، منهنجي صلاحيتن جي مطابق آهي؟ هِي اُهي سوال آهن جن تي غور ڪرڻ بنھ ضروري آهي. اِنهي لاتعلقي واري رويي سبب اسان کي کوڙ دفعا ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿيڻو پوي ٿو ۽ پنهنجي بي روزگاري کي قسمت جي کاتي ۾ هڻي ڪري اسان پنهنجي پاڻ کي بي قصور ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويندا آهيون. اسان مان ڪجھ اهڙا ماڻهو به هوندا آهن جيڪي پنهنجي ڪئرير جي چونڊ ڪرڻ ۾ ڏاڍا سنجيده هوندا آهن. اُهي ماڻهو وقت ۽ حالاتن جي آڏو مجبور ٿي ڪري پنهنجي صلاحيتن جي برعڪس نوڪري يا روزگار به ڪري وٺندا آهن پر اُن سان گڏوگڏ پنهنجي پاڻ کي درست جاءَ تي آڻڻ لاءِ جستجو به ڪندا رهندا آهن ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي درست جاءَ تي پهچي ويندا آهن ۽ اِهڙي نموني کين مڪمل ذهني سڪون ميسر ٿيندو آهي. هَن وقت نوجوانن جي اڪثريت ڪئرير ڪائونسلنگ جي حوالي سان انتهائي درجي تائين مونجهاري جو شڪار آهي. اچو ته اِنهي مونجهارن کي هتي ٻڌايل مشورن جي روشني ۾ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون.
واضع ۽ چٽو مقصد متعين ڪرڻ:
سڀني کان پهريان توهان کي پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ اِها ڳالھ چٽي نموني ويهارڻي آهي ته مون کي ڪهڙو شعبو اختيار ڪرڻو آهي، يا ڪهڙي ملازمت ڪرڻي آهي. ڪهڙي طرز جي نوڪري، منهنجي ماحول، منهنجي خاندان ۽ منهنجي صلاحيتن جي آڌار تي درست ثابت ٿيندي. جيڪڏهن ڪا پريشاني آهي، ڪو مونجهارو آهي يا ڪا رڪاوٽ آهي ته ڇا اُن جو حل ممڪن آهي؟ اسين واضع نموني پنهنجي پاڻ کي سمجهائڻ ۾ اِن لاءِ ناڪام ٿيندا آهيون ڇو جو اسان صرف وقتي علم ۽ حالاتن جي مطابق فيصلو ڪندا آهيون، اسان وٽ دور انديشي واري نظر ڪونه هوندي آهي. جنهن سبب به اسان ٻين کان پوئتي رهجي ويندا آهيون. اِن لاءِ سڀني کان پهريان اسان کي پنهنجي پاڻ کي اِهو چٽي نموني سمجهائڻو آهي ته آيا مون کي ڪهڙي نوڪري ڪرڻي آهي يا ڪهڙي شعبي جي چونڊ ڪرڻي آهي.
ڇا منهنجي ملازمت، ٻين کي فائدو ڏيندي
جتي اِهو سوچڻ لازمي آهي ته ڇا منهنجي نوڪري، منهنجي ملازمت، منهنجي صلاحيتن جي مطابق آهي. اُتي ئي اِهو به سوچڻ لازم آهي ته ڇا منهنجي ملازمت ٻين کي فائدو ڏئي سگهندي. خاص طور تي پنهنجي گهر ڀاتين، مٽ مائٽن، پنهنجي شهر، تعلقه، ضلع يا صوبي جي ماڻهن لاءِ ڪهڙي ريت فائدي مند ثابت ٿيندي ۽ اُهي توهان تي ڪهڙي نموني فخر ڪندا. اِن لاءِ اِهڙي نوڪري هر گز اختيار نه ڪرڻ کپي جنهن مان عوام کي فائدو نه ملي الٽو عوام کي لٽڻ ڦرڻ جو ڪم ٿئي ۽ غريب طبقي جو استحصال ٿئي.
ڇا منهنجي نوڪري ياد رکڻ جهڙي آهي
اسان مشهور شخصيتن يا ڪردارن کي ان ڪري ياد ڪندا آهيون جو اُنهن ڪنهن نه ڪنهن مخصوص شعبي ۾ پنهنجو نالو ڪمايو آهي ۽ ڪجھ اھڙو ڪمال ڪيو آهي جنهن جي ڪري انهن جو تذڪرو تاريخ جي پڙاڏن ۾ ٻُڌجي ٿو. ڇا توهان اِهو نه ٿا چاهيو ته توهان جو نالو به تاريخ جي پڙاڏن ۾ ورنائجي ۽ توهان جو تذڪرو به صدين تائين ٿئي؟ يقينن اِها خواهش توهان جي به هوندي. ليڪن اَن جو پورائو ڪئين ٿئي. اِهو خواب ساڀيان تڏهن ئي ماڻي سگهي ٿو جڏهن توهان اندروني صلاحيتن جي آڌار تي ڪم ڪرڻ شروع ڪندا. توهان جو ڪم توهان جي سُڃاڻپ ٿي ويندي. ماڻهو توهان کي توهان جي نالي جي ڪري نه بلڪ ڪم جي ڪري سُڃاڻيندا. توهان جا مٽ مائٽ توهان کي توهان جي ڪم/ڪرت جي ڪري سُڃاڻڻ شروع ڪن. توهان جو ڪم توهان جي احترام جو سبب ٿئي ۽ توهان ڪڏهن به وسرڻ جوڳا نه ٿيو. اُهڙي طرز واري نوڪري ئي توهان جي زندگي ۾ بهار نما فزا آڻي سگهي ٿي.
ڇا مون ۾ مستقل مزاجي آهي
توهان ۾ ڪيتري قدر جذبو آهي؟ وقتي طور اُڀار جو شڪار ته ڪونه آهيو؟ ڇو ته توهان پنهنجي ڪئرير جي حوالي سان ڪامياب تڏهن ئي ٿي سگهو ٿا جڏهن توهان پنهنجي مستقل جي فيصلي ڪرڻ جي مهل جلد بازي نه ڪيو. صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو ۽ گڏوگڏ نظم ۽ ضبط سان سفر جاري رکندا اچو.
ائين نه ته ڪو جلد ۾ ڪو نتيجو نه اچي ته اُنهي مهل ڪنهن ٻي رستي تي گامزن ٿي وڃو. مستقل مزاجي کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته توهان کي پنهنجو ڪم ڪندي لطف اچي. توهان انهي مان بيزار نه ٿيو ۽ توهان جي اندر ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ نئون جذبو، نئون ولولو پيدا ٿئي. اِهڙي نموني پنهنجي روز مرھ جي زندگي جو جائزو وٺي ڪري پاڻ ۾ مستقل مزاجي وارو جذبو پيدا ڪريو ۽ پوءِ اُن تي عمل پيرا ٿي ڪري منزل تي رسائي کي ممڪن بڻايو. جنهن وقت توهان جي منزل، توهان جي نظرن جي آڏو نمايا طور نظر اچڻ شروع ٿيندي ته يقين ڪريو آئون سمجهان ٿو ته توهان جا سڀ ٿڪ لهي ويندا ۽ توهان کي پنهنجي پاڻ تي فخر ٿيڻ شروع ٿيندو.
پنهنجي اندر جي آواز کي ٻڌو
عام طرح ٿيندو ائين آهي جو اسان پنهنجي پاڻ جو جائزو ڪونه وٺندا آهيون. پنهنجي پاڻ کان ڏاڍا لاتعلق هوندا آهيون. پنهنجي اڀياس ڪرڻ کان قاصر هوندا آهيون. جنهن سبب اسان کي اِها سُڌ وقت تي ڪونه پوندي آهي ته آيا اسان ڪيترو اهم آهيون. گهڻو پوءِ، جڏهن ڏاڍي دير ٿي ويندي آهي پوءِ اسان کي ڪٿان نه ڪٿان، ڪهڙي نه ڪهڙي نموني اِهو احساس جاڳڻ شروع ٿيندو آهي ته اسان ڪيترو اهم هياسين ۽ اسان پنهنجي پاڻ کي ڪهڙي نه بي رحمي سان وڃائي ڇڏيو. انهي احساس ٿيڻ وقت وري الميو اِهو هوندو آهي جو اسان وٽ پاڻ سُڌارڻ لاءَ وقت نه بچندو آهي جو اسان پنهنجي ڪيل غلطين جو ازالو ڪري سگهون ۽ پاڻ کي سُڌاري سگهون.
سو دوستو پنهنجي پاڻ ۾ خود شناسي واري عنصر پيدا ڪريو ۽ پنهنجي صلاحيتن جو درست وقت ۾ اندازو لڳائي ڪري انهي طرف سفر ڪرڻ شروع ڪريو ته يقينن توهان جي منزل توهان طرف پاڻ اچڻ شروع ٿيندي ۽ توهان پنهنجي ڪئرير جي چونڊ ڪرڻ ۾ ڪامياب ثابت ٿيندا.