مون سائين جي ايم سيد کان تاريخي انٽرويو ڪندي ھڪ سوال اھو بھ پڇيو ھو تھ:
“سنڌ ڪھڙن وڏن دماغن کي جنم ڏنو؟”
سائينءَ جواب ۾ اھو سوال پڇيو ھو تھ:
“دماغن جو درجو دلين کان گھٽ ھوندو آھي
پھرين اھو سوال پڇ تھ سنڌ ڪھڙين وڏين دلين کي جنم ڏنو؟”
مان جڏھن شھيد بشير قريشيءَ سان مليو ھوس
تڏھن مون کي محسوس ٿيو ھو تھ
ھن جي سيني ۾ سنڌ جيتري وڏي دل آھي!
ھن جي دل ۾ اھو سڀ ڪجھھ ھو
جيڪو ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين
۽ ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين ھو!
ھن جي ڪشادي دل ۾ اتر جا ڪوسا جھولا بھ ھئا
۽ لاڙ جو لھڪيل ھوائون بھ ھيون
ھو پنھنجي دل ۾ اھو کيرٿر بھ کڻي ھلندو ھو
جنھن جي پاڇي ۾ ڪاڇو ڪنھن ڪوڪ جيان
خانابدوش قبيلن کي اندر جي اڪير سان سڏيندو ھو
ھن جي دلير دل ۾ پيرن ۽ وڏيرن جي دھشت
سڙيل ڪاغذ جي رک بڻجي اڏامندي ھئي
ھو ھارين جي سانورين ڳچين جو ھار ھو
ھو پوڙھن جو پويون عشق
۽ نوجوانن جو پھريون پيار ھو
ھو جيڪو سفيد ڪورولا جي پوئين سيٽ تي
ڪنڌ لاڙي مختصر ننڊ ۾ طويل سپنا ڏسندو ھو
ھو جيڪو اکيون مھٽي اٿندو ھو
ھو جنھن جي نيڻن ۾
اوجاڳي جي سدا حيات سرخي ھئي
ھو جنھن جي ماٺ ۾ ٻارن جو شور ھو
بکايل ٻارن ۽ ممتا ماريل مائرن جو شور
ھو جنھن جي ماٺ بھ ڪنھن جانجھھ وانگر وڄندي ھئي
ھو جنھن جي رڙ ريگستانن ۾ رلندي رھندي ھئي
ھو ظالمن سان مظلومن جو سفير ٿي ملندو ھو
ھو اتر جي مڇرن ڀريل ٻٽن ۾ ھير بڻجي ھلندو ھو
ھو اھو ڪارونجھر ھو
جيڪو جھڪي ملندو ھو
ھو اھو کوھھ ھيو
سينواريل لوٽين سان ھلندو ھو
ھو پاڻي ھيو
ھو اڃ ھو
ھو شھر جو شھر ھو
ھو رڃ ھو
ھو ھڪڙو پکي بھ ھو
ھو ھڪ وڻ بھ ھو
ھو ڌنار بھ ھو
ھو ھڪ ڌڻ بھ ھو
ڇو؟
ڇو تھ ھو سنڌ وطن جھڙي وڏي دل ھو
ان ڪري تھ سنڌ جي ابوالڪلام
محترم عبد الواحد آريسر
ھن جي شھادت تي چيو ھو
“ڪارل مارڪس جي ميت تي
تقرير ڪندي فريڊرڪ اينگلس چيو ھو
اڄ دنيا جي ھڪ عظيم دماغ سوچڻ بند ڪيو
۽ جڏھن بشير قريشيءَ جي خبر
منھنجن ڪنن تائين پھتي
تڏھن منھنجن چپن چيو
اڄ ھڪ عظيم دل ڌڙڪڻ بند ڪيو”
بشير قريشي سنڌ جي سرڪش دل ھو
اھا دل جنھن جي لاءِ
سنڌ جي ھڪ صوفي شاعر لکيو آ
“ملڪ دل جو موڪرو
جنھن جو عرش زمين آسڻ”
ھو من جو موڪرو
ھو رتيديري جو ڇوڪرو
ھڪ تاريخ ٺاھڻ آيو ھو
اھا تاريخ جيڪا اڄ بھ اڌوري آھي
اھا تاريخ جيڪا اڄ بھ اڌوري آھي!!