حاليه برساتن اڌ سنڌ کي اصل ٻوڙي ڇڏيو آھي ھن دفعي ته ٿر جا ڪجھ شھر ٻڏي ويا آھن جتي ٻيڙيون گھرايون ويون آھن ڪراچي کي ته برساتن صفا ٻوڙي ڇڏيو آھي جنھن شھر ۾ گندي پاڻي تي چائينا ڪٽينگ ڪندي گندي ۽ برساتي نالن تي پلاٽنگ ڪري بلڊنگون ٺھرايون وينديون سنڌ حڪومت کي سڀ خبر ھئڻ جي باوجود مثلت کان ڪم وٺندي ته اتي ته ائين ٿيندو ڪراچي برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي وڃڻ جي ڪھاڻي تمام وڏي آۡھي جنھن تي الڳ آرٽيڪل لکبو جڏھن ته بدين ۽ ڪجھ ٻين ضلعن ۾َ وري سم نالن ۾ گھارا پيا آھن جتي سم نالن جي سارسنڀال صفائي کاٽي لاء ايندڙ ھر سال ڪروڙين رپيا ڪوڙن بلن ذريعي حضم ڪيا ويندا اتي ائين ٿيندو جڏھن شھرن ۾ گندي پاڻي جي نالن تي جڳھيون ٺھنديون اتي حد دخليون ٿينديون اتي ائين ٿيندو جتي شھرن ۾ گندي پاڻي جي نيڪال جون پراڻيون اسڪيمون جيڪي ناڪاره ٿي ويون ھجن جتي گندي پاڻي جي نيڪال جي ڪروڙين اربين رپئن جي اسڪيمن ۾ ڪرپشن ڪئي وئي ھجي اتي ته اھڙا شھر ٻڏندا جتي موسميات کاتي جي وڏين برساتن جي الرٽ جاري ٿيڻ جي باوجود پبلڪ ھيلٿ ۽ بلديه ادارن پاران ڊسپوزل جي کوھن جي ۽ نالن جي صفائي نه ڪئي ويندي اتي ته ائين ٿيندو جتي بجلي وڃڻ جي صورت ۾ ڊسپوزلن تي رکيل جنريٽرن کي برساتن ۾ چالو ڪري ڊسپوزل چالو نه ڪيا ويندا ته اھڙن شھرن ۾ ٻوڏ ته ايندي ھن ٻوڏ جي ذميوار سنڌ حڪومت آفيسر شاھي آھي ان تي لکبو ته ھڪ وڏو داستان ٺھي ويندو اھو به ھڪ الڳ موضوع آھي جنھن تي به ڪڏھن الڳ لکبو مختصر اھو ته خوشحال سنڌ کي تباھ ڪرڻ ۾َ ھر دور جا حڪمران بيروڪريسي ڪرپشن آھي جڏھن اڌ سنڌ ٻڏي وئي ته پھرين ڏينھن اسان کي ٻه فوڪل پرسن سانگھڙ جو فراز ڏيرو مٽياري جو مخدوم محبوب زمان نظر آيا جيڪي پھنجي ضلع جا رات تائين دورا ڪري رھيا ھئا جڏھن ته سنڌ ۾ برسات کان متاثر ٿيل علائقن ۾ اتان جا پنج سيڪڙو کان به گھٽ چونڊيل نمائيده به پھنجي تڪ جي متاثر علائقن ۾ نه ويا عوام ھنن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو آھي ان ڪري ھنن تي اخلاقي فرض ٿو عائد ٿئي ته اھڙي ڏکئي وقت ۾ ھو عوام وٽ پھچن ھنن جي ھٿ ۾ ٻيو ته ڪجھ نه ھو پر ھو پھنجي تڪ جي متاثر علائقن جا دورا ڪن ھا عوام کي ھمٿ ڏيارين ھا ٻڏي ويل علائقن مان پاڻي ڪڍرائيڻ لاء ضلع انتظاميه سان رابطو ڪن ھا پر ھي خانصاحب متاثر علائقن ۾ ويائي ڪون جنھن سان سندن ساک کي يقينن نقصان پھچندو قانون ۽ انصاف جي تقاضا ته اھا آھي ته پھرين ڏينھن جيڪي فوڪل پرسن پھنجي ضلع جي متاثر علائقن ۾ وڃڻ بجاء بنگلن ۾ ننڊون ڪري رھيا ھئا انھن ان خلاف پ پ جي ڇئرمئن بلاول کي نوٽيس وٺڻ گھرجي برسات بعد سنڌ جي وڏي وزير متاثر ڪجھ ضلعن جي ڪجھ متاثر علائقن جو دورو ڪيو جتي ھن چيو ته متاثرين جي ھر طرح سان مدد ڪئي ويندي ھئڻ ته ائين گھربو ھو ته سنڌ جي وڏي وزيز جي اھڙي اعلان تي انھي ڏينھن کان عمل ٿئي ھا بي گھر ٿيلن کي عارضي اجھو ڏئيڻ جو بندوبست ٿيڻ گھرجي ھا متاثرين جن جو الھ تلھ برسات ۾ لڙھي ويو انھن جي کاڌي پيتي جو انتظام ٿي وڃڻ گھرجي ھا حڪومت اگر ائين چاھي ھا ته حڪومت لاء ڪو مسئلو نه ھو رڳو سنڌ جو وڏو وزير انتظاميه کي اھڙو حڪم ڏي ھا ته متاثرين لاء سڀ ڪجھ ٿي وڃي ھا تازا اطلاج اھي آھن ته مير پور خاص ضلع ۾ برسات جي تباھ ڪاري ڪري بي گھر ٿيندڙ غريب ماڻھن لاء سنڌ سرڪار پاران ٽينٽ اچڻ شروع ٿي ويا آھن اھا خبر نه پئجي سگھي آھي ته ٽينٽ رڳو ضلع ميرپورخاص لاء آھن يا جيڪي ضلع متاثر ٿيا آھن اسان کي مليل اطلاعن موجب ٽينٽ متاثر سڀن ضلعن ۾ تعلقي وائيز موڪليا پيا وڃن جيڪي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن جي حوالي ڪيا ويا آھن 2011ع واري برسات ۾ به متاثرين جي امداد لاء سنڌ حڪومت کانسواء وفاقي حڪومت توڙي دنيان جي تقريبن سڀن ملڪن مان ٽينٽ ضروري سامان کاڌ خوراڪ ڏني وئي پر اھا به روينيون کاتي جي آفيسرن ۽ اقتداري ڀوتارن جي حوالي ڪئي وئي جن نورنظر ماڻھن کي ته وڏي تعداد ۾ ٽينٽ ۽ سامان جا ڪٽا ڏنا ويا پر جيڪي الله جا ماڻھون ھئا انھن کي بس ھڪ ڪٽو ڏنو ويو ان برساتي ٻوڏ ۾ امدادي سامان خراب ٿي ويو ته اھو سم نالن واھن پاڻي جي تلائون ۾ اڇلائيڻ جون ميڊيا تي خبرون بريڪ ٿيون جن غريبن کي سامان نه مليو اھي بک ۾ پاھ ٿي ۽ پھنجي ٻچن کي بکيو نه ڏسي گدامن ۽ سرڪاري آفيسن ۾ رکيل امدادي سامان دروازا ٽوڙي زوري کڻي ويا لازمي آھي ته امداد کان متاثر غريبن وٽ ان کانسواء ڪو چارو نه رھيو ھو وري ڪرونا ۾ به سامان جس ڪٽا اقتداري ڀوتارن حوالي ڪيا جن مان ڪو ھڪ ٻه سيڪڙو سامان وري به صحي ورھايو ويو باقين سامان نورنظر ماڻھن کي ڏنو ويو حاليه برسات ۾ ٻڏي ويل ماڻھن لاء پھرين مرحلي ۾ ٽينٽ موڪليا ويا آھن ته بي گھر ٿيندڙن کي سائيو ملي شايد ٻئي مرحلي ۾ کين کاڌ خوراڪ جا ڪٽا ڏنا ويندا اڳتي ھلي شايد وفاقي حڪومت پاران احساس ڪفاليت پروگرام تحٿ ملڻ جو امڪان آھي سنڌ حڪومت پاران موڪليل ٽينٽ اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي ڏنا ويا آھن خبر نه آھي ته پاليسي ڪُھڙي آھي آيا روينيون کاتي جا ھي آفيسر ٽينٽ ۽ ٻيو امڪاني امدادي سامان روينيون کاتي جا آفيسر ورھائيندا يا جيڪي اقتداري ڀوتار لسٽون ڏيندا ان تحت ورھاست ٿيندي خير اگر روينيون کاتي وارا ورھائيندا تڏھن به ٿيندو اھو جيڪو اقتداري ڀوتار چاھيندا اسان چونڊيل نمائيدن ۽ واسطيدار انتظاميه کي گذارش ڪنداسين ته ٻيلي غريب متاثرين تي رحم ڪجو اوھان کي ھڪ ڏينھن مري الله ڏي به ھلڻو آھي خوف خدا ڪري جيڪي حقيقي متاثرين آھن ٽينٽ توڙي امڪاني امداد انھن ۾ ورھائجو خدا جي واسطي سياسي سفارشن بااثرن ماڻھن بدران اصل حقدارن بي گهر ٿيلن ۾ تقسيم ڪجو ۔اسان ھن موقعي تي پ پ جي ڇئرمئن بلاول سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي گذارش ته برساتي ٻوڏ سان متاثر علائقن ۾ جلد کان جلد راشن موڪليو وڃي