ٿر جي ڀرڀر ڪندڙ ڀٽن جون دعائون
هڪ صديءَ کان پوءِ اگهاميون آهن
مان مٺيءَ جي ڳالهه نه ٿو ڪريان
مٺي ته آرتي جي ٿالهيءَ وانگر
اجهامي وئي آهي
مان اهي وارياسا وڇاڻا ڏسان ٿو
جتان پلر پالوٽ ڪري وهي ٿو
جتي ساوا گاهه ساهه کڻن ٿا
جتي روئي ستل ٻالڪ جي
آلين اکڙين جهڙا واريءَ ڪڻا
انهن ستارن جي باري ۾
سوچي رهيا آهن
جيڪي ستارا بافتي جهڙن بادلن جي
چار اوڙهي سمهي چڪا آهن
پر پوءِ به ٻڪرال ٻهه ٻهه ڪري ٿي
ڪڪر ميڙ ڪري همرچو هونگاري رهيا آهن
اي خدا! ٿر جي صدين واري اڃ کي
ڌرتيءَ جي تهن تائين سائو ڪرڻ وارا
اي خدا! تون صرف ٿر جو ڌڻي ناهين
تون ڪشمير کان وٺي ڪراچيءَ تائين
سمورن شهرن، ڳوٺن ۽ گهرن جو سائين آهين
هاڻي پنهنجن بادلن کي حڪم ڪر
پنهنجن بودلن بادلن کي هدايت ڪر
ته اهي سچل سرمست جي ان دعا جي
واڳ ورائي واپس ٿين
جنهن دعا ۾هن تنهنجي در آڏو
وينتي ڪندي اهو ورنايو هو ته:
”مهر سندا مينهن، شاهه وسائين شل
جهريل منهنجي جهوپڙي
بنا جهليءَ جهل
ڪاهل تي ڪهل
ڪندين شال ڪريم تون“
اسماء صبا خواج کا افسانہ مایوسی فنی و فکری مطالعہ
اسماء صبا خواج کا تعلق لکھیم پور کھیری ہندوستان سے ہے، اردو کی ممتاز لکھاری ہیں، آپ کا افسانہ ''مایوسی"...