عورت ۽ مرد: سيڪس ۽ رومانس
اوشو اگر مڌيا پرديش جي ڳوٺ “ڪڇ وادا” ۾ پيدا ٿيڻ بدران رڻ ڪڇ جي ان ڪنڊ ۾ جنم وٺي ها، جتي هوا ڪوڪيندي آهي ۽ انسان سنڌيءَ ۾ ساهه کڻندا آهن!
اوشو جو پيءُ ڀلي ڪير به هجي ها. پر جيڪڏهن هن جي ماءُ مارئيءَ جي ٻولي ٻوليندڙ هجي ها!
جيڪڏهن هن کي لولي سنڌيءَ ۾ آئي هجي ها.
جيڪڏهن هو سنڌيءَ ۾ سوچيندو هجي ها.
جيڪڏهن هو سنڌي سپنا ڏسندو هجي ها.
جيڪڏهن هن جي آتما ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جل ڌارا وهندڙ هجي ها!
هو جيڪو پرش جي پردي ۾ هڪ پکي هو.
جيڪڏهن اهو پنڇي سنڌيءَ ۾ ٻولي ها.
جيڪڏهن اهو اميرن جو اوشو هجڻ بدران!
غريبن جو گرو هجي ها!
جيڪڏهن هو هنديءَ بدران سنڌيءَ جي سيرن ۾ تري ها!
اوشو ته ٻوليءَ جي جل ڌارا ۾ ترندڙ مڇي هو!
جيڪڏهن اها مڇي سنڌوءَ نديءَ جي نيڻن ۾ آوارڳي ڪري ها!
تڏهن ڪوئي عشق ۽ عقل جي وچ ۾ڪوئي منجهيل مهاڻو!
دل جو ديوانو ۽ دماغ جو سياڻو
ڪوئي مست الست سنڌي ماڻهو
هن کان پڇي ها:
“ڀڳوان! عورت ۽ مرد ۾ ڪهڙو فرق آهي؟”
تڏهن هو چپن کي چنگ بڻائي چوي ها!
“مرد ۽ عورت ۾ ايترو ئي فرق آهي، جيترو رومانس ۽ سيڪس ۾!
مرد سيڪس ۽ عورت رومانس آهي.
مرد جنس ۽ عورت عشق آ!
مرد محبت ۾ به سيڪس محسوس ڪندو آ
عورت سيڪس ۾ به محبت تلاش ڪندي آ
مرد سيڪس لاءِ محبت ڪندو آ
عورت محبت لاءِ سيڪس ڪندي آ
مرد جي محبت سيڪس جي سرحد تي اچي ختم ٿي ويندي آ
عورت جو عشق سيڪس کان پوءِ اکيون مهٽي اٿندو آ
مرد ابتدا آ
عورت انتها آ
سيڪس هڪ پل جو پيار آ
عشق هڪ پوري ڄمار آ
سيڪس تڙپ آ
رومانس هڪ اڻکٽ احساس آ
سيڪس ڪجهه لمحن جي لذت آ
رومانس اننت آند آ
سيڪس ڪوئلو آ
رومانس هيرو آ
سيڪس وڌيڪ کان وڌيڪ ويجهو اچڻ جو جذبو آ
رومانس وڇوڙو آ
عورت جدائي ۽ مرد ميلاپ جو نالو آ
پر اهو ميلاپ جيڪو مستقل ناهي
عورت عشق جي جاودان جدائي آ
عورت اها ڪيفيت آ
جيئن فيض چيو هو:
“يڪ جان نه هوسڪيئي
اور دور نه هو سڪيئي
يون ٽوٽ گئي دل مين
سمسيرِ سناسائي!”
عورت ميلاپ ۽ وڇوڙي جي وچ ۾ مچليل ندي آ
عورت سهڻي آ
مرد ميهار آهي!
ميهار کي سهڻيءَ جي سرير ۾ ڪشش هئي
سهڻي مڙس جو سرير ڇڏي ميهر ڏي ايندي هئي!
ميهار کي سيڪس جي بک هئي
سهڻيءَ کي عشق جي اڃ هئي!
سهڻي ته سيڪس جي ٻانهن مان اٿي ميهر ڏي ايندي هئي!
هن جي جنسي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ مرد موجود هو.
ميهار جي جهنگ ۾ ته اهڙي ڪا به نه هئي!
ميهار محتاج هو
هڪ مرد محتاج هو
سهڻيءَ وٽ ته سڀ ڪجهه هو
ميهر وٽ ڪجهه نه هو
پر پوءِ به ميهر هن پار نه ايندو هو
سهڻي تري تار ويندي هئي
ميهر جو پيار سيڪس جو سوداءُ هو
سهڻي ته سراپا سڪ هئي
ائين جئين اياز چيو آ:
“ڄائي نه ڄاپي
جيڪا مون جئين يار مان
ڍاپي نه ڍاپي!”
سهڻي ازل جي اڃ هئي
ميهر جي محبت سيڪس جي رڃ هئي!
سهڻي جو پيار جسم کان اوچو هو
ميهر جي محبت مٽيءَ هاڻي هئي
مهير جي محبت ميري هئي
سهڻيءَ جو عشق اجرو هو
ان ڪري ئي ته لطيف لکيو هو:
“سياري سهه رات ۾ جا گهڙي وسندي مينهن
هلو ته پڇون سهڻي، جا ڪر ڄاڻي نينهن!”
لطيف ميهار کان نه ٿو پڇي
عشق جو استاد مرد ناهي
عشق جي استاد عورت آ
“پيار ڇاهي؟”
ان سوال جو جواب مرد وٽ ناهي
ان سوال جو جواب عورت وٽ آهي
مرد لاءِ محبت هڪ ڄار آ
عورت لاءِ عشق عميق آ
مرد جسم آ
عورت آتما آ
جسم جي حد آ
آتما انحد آ
“اڄ لاءِ ايترو ڪافي آ…..!!؟
یہ تحریر فیس بُک کے اس پیج سے لی گئی ہے۔
“