اسان جي سياست: اڄ ۽ ڪالهه
اسان جي سياست سالن کان وٺي سهسين سورن سان سلهاڙيل رهي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جي سياست مٿان ايجنسين جو تمام وڏو مارو رهيو آهي. اسان جي سياست تي وڏي وقت کان وٺي ڪرمنل ۽ ڪرپٽ ماڻهن جي قبضو رهيو آهي. اسان جي سياست اندرين توڙي ٻاهرين سازشن جو شڪار رهي آهي. اسان جي سياست مٿان شخصيت پرستيءَ جي تمام ڇاپ رهي آهي. اسان جي اقتداري ته ڇا پر نام نهاد انقلابي سياست جي مٿان به خانداني قبضي جي ڪوشش سدائين ڪامياب رهي آهي. اسان جي سياست ۾ چالاڪ ۽ عيار ماڻهن کي وڏا عهدا مليا آهن. اسان جي سياست ۾ سادن ۽ سچن ماڻهن کي ڌڪاريو ويو آهي. اسان وٽ سياست جي نالي ۾ وڏا واپار ٿيا آهن. اسان جي سياست جون جدوجهدون دولت وٺي وڪرو ڪيون ويون آهن. اسان جي سياست ۾ غريبن کان مذدوري ۽ اميرن کان عياشيون ڪرايون ويون آهن. اسان جي سياست سدائين لاشن تي پنهنجو قد وڏو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسان جي سياست ڏاڍن کان ڏرندي ۽ هيڻن کي هيسائيندي رهي آهي. اسان جي سياست ڪتابن کان ڪٽجي چڪي آهي. اسان جي سياست علم کي عمل جي مخالف قرار ڏئي ان سان پنهنجو ناتو رشتو ختم ڪري چڪي آهي. اسان جي سياست عوام کان سگهه حاصل ڪرڻ بدران خاص فردن جي گرد ڦيرا ڏيندي رهي آهي. اسان جي سياست ميدانن کان موٽي وري ڊرائينگ روم ۽ بيڊ روم وسايا آهن. اسان جي سياست عوام جي ڏکن سورن ۽ اهنجن ايذائن کي فراموش ڪري ناڻي وارن جي نخرن کي اهيمت ڏيڻ لڳي آهي. اسان جي سياست وفا جي واٽ ڇڏي دوکي ۽ فريب جو رستو اختيار ڪيو آهي. اسان جي سياست جي لاءِ عظيم تبديلي يا انقلابي جدوجهد هڪ چرچو، هڪ ڀوڳ ۽ هڪ طنز آهي. اسان جي سياست اقتدار جي گهٽين ۾ گهمندڙ فقير بڻجي وئي آهي. اسان جي سياست ۾ هر ڏينهن بي ضميريءَ جو مقدار مسلسل وڌي رهيو آهي. اسان جي سياست اهي سمورا آدرش مدي خارج قرار ڏئي ڇڏيا آهن، جيڪي ڪڏهن اسان جي لاءِ اتساهه جو باعث هئا. اسان جي سياست اصولن، ضابطن ۽ قاعدن کي ائين ڪڍي ڇڏيو آهي، جيئن بيشرم ۽ بي ضمير خاندانن جا نوجوان پنهنجن پوڙهن کي گهرن مان ڪڍي ڇڏيندا آهن. اسان جي سياست هاڻي محبت ناهي. اها واپار آهن. اهي رومانس ناهي. اها جنس آهي. اها گهر جو اڱڻ ناهي. اها ڀري بازار آهي. اها محبت واري ماٺيڻي ڪنڊ ناهي. اها مارڪيٽ جو پرشور چوراهو آهي. اسان جي سياست مسڪينن ۽ اٻوجهن جي همدرد ۽ حمايتي ناهي. اسان جي سياست ظالمن ۽ جابرن جي غلام آهي. اسان جي سياست ۾ ڌرتيءَ جي خوشبو ناهي. اسان جي سياست ۾ نوان توڙي پراڻن نوٽن جي مهڪ آهي. اسان جي سياست اهو مهانگو ميڪپ آهي، جيڪو جهونائپ جو جهريون ڀري اکين کي دوکو ڏيندو آهي. اسان جي سياست وينگس جي وجود مان وهندڙ پگهر جي موتين جي مهڪ ناهي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن هڪ طويل ۽ نه کٽندڙ خط هئي، اها هاڻي هڪ اهڙي موبائيل فون ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، جنهن معاشري جي ڀڙون کي به بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن سڏ هئي. واڪو هئي. صدا هئي. تاريخ جي چيخ هئي. اها تاريخ جي تذليل آميز گهٽين جو شرمسار سڙٻاٽ بڻجي چڪي آهي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن خوابن جي نگري هئي، جيڪا ڪڏهن سپنن جو سنسار هئي، جيڪا ڪڏهن ونين ۾ سرمن جو ويچار هئي، اها سياست هڪ اهڙو ڍونڍ بڻجي چڪي آهي، جنهن جي مٿان خوشنما پوش پيل آهن پر پوءِ به ان جي بدبوءِ ساهن جي ساڻو ڪري وجهي ٿي.
اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن عقاب جون اکيون، هن جا پر ۽ هن جي چيريندڙ چنبا هئي، سا هاڻي انهن ڪانون جي غول بڻجي چڪي آهي، جيڪي آرزوءَ جي نيڻ چٻاڙي کائيندا آهن. اسان جڪي سياست جيڪا ڪڏهن پتڻ جو پور هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪنهن موهيندڙ مهاڻيءَ جي سيني ۾ پهرين پيار جو سور هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن اڪن جا نيرن ڦلين وانگر سج سان اٽکيلون ڪندي هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن ڪونجن جي ولر کي تڪي لوڪ گيت جهونگاريندي هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن ڪنهن شڪي مزاج ڇوري کي پوتي سوري سينڌ تي هٿ ڀيري سدائين نڀائڻ جو سنهن ڏيندي هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن يڪتارو هئي. هڪ تار مان نڪرندڙ هزارن سرن جي امين هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن ڀرت هئي. گج هئي. گج جا ڪاوا هئي. اکين ۾ ڪجل جي ريک هئي. هٿن تي مينديءَ جو گل هئي. پيرن ۾ پراڻي پر وڄندڙ پازيب هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن سچي پيار جي نشانيءَ طور چيچ ۾ پاتل ڪوڙو ڇلو هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن ٽٽل چوڙين جي سانڍيل سوکڙي هئي. جيڪا گهونگهٽ هئي. جيڪا اکا هئي. جيڪا ٻانڌڻي پوتي هئي. جيڪا ڪارائيءَ ۾ ٻڌل ڪارو سڳو هئي. جيڪا بٽڻ ڇڳل ڪارو وڳو هئي. اسان جي سياست جيڪا پنهنجي لوڪ ليکي اياڻي هئي. جيڪا سڙيءَ دل تي ڇنڊو وجهندڙ اڻ ڇاڻي هئي. جيڪا اکين مان ڳوڙهن جا ٻه ڦڙا کڻي آسمان طرف اڏامندڙ سلفيءَ جو سوٽو هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن قول قرار هئي. جيڪا ڪڏهن ڪينجهر جي ڪنڌيءَ ۽ المنظر تي انتظار هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن آرٽ سان گهري الفت ۽ سائنس سان ڇڊي سنگت جيان هئي. اسان جي سياست جيڪا اسر جي وڇوڙي ويل نيڻن ۾ اڀري آيل ويڻن جي ولهار وادي هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن گوندر ۽ گس هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن واڪو ۽ وس هئي. اسان جي سياست جيڪا پکيءَ جي آزاد اڏار هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن ماريءَ جي مٿان اوچتي الار هئي. اسان جي سياست جيڪا قلندر جي درگاهه تان ورتل هڪ ڳانو هئي. اسان جي سياست جيڪا درازن جي دز ۾ موجود بغاوت جي خوشبو هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن ساميءَ جي ٿڪل سوچ ۽ فقير جانڻ چن جي نه کٽندڙ لوچ هئي. اسان جي سياست جنهن جا جيلن سان قرب قرار هئا. جنهن جا پکي اسيريءَ ۾ آکيرا ٺاهي آرام ڪندا هئا. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن کوهه جو صاف شفاف ۽ مٺو پاڻي هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن پٽ چمندڙ اگهاڙو پير هئي. جيڪا پيرون هئي.
جيڪا ڏيلون هئي. جيڪا بلبل جي سنهڙي ۽ سانوري چهنب هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن ڪارونجهر جي مٿان لڙيل شام هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن مور جا ٽهوڪا هئا. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن پنهنجي ٻارن جي اکين ۾ وڇڙي ويل محبوب جا نڪ نقشا ڳولهڻ جي مسڪرائيندڙ مام هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن رب هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن رام هئي. اسان جي سياست جيڪا ننڊ ۾ سفر ۽ سفر ۾ آرام هئي. اسان جي سياست جيڪا تارن ڀري رات هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪن ۾ ڪئي ويندڙ بات هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن سنگيت هئي. هڪ گيت هئي. پهريون ۽ پويون ميت هئي. اسان جي سياست جيڪا لڙڪن هار هئي. ڪنهن اڻ ڏٺل ۽ اڻ ٻڌل جبل جي جيءَ مان وهندڙ آبشار هئي. اسان جي سياست جيڪا مقتل ۾ محفل هئي. اسان جي سياست جيڪا ماڪ ۾ پسيل رابيلن جي رات جو نينهن نياپو هئي. اسان جي سياست جيڪا رائيفل جي ناليءَ ۾ ساهه کڻندڙ گولي هئي. اسان جي سياست جيڪا بغاوت جي سادي ٻولي هئي. اسان جي سياست جنهن جا عهدا ازل ۾ هئا. اسان جي سياست جيڪا ٻارن جي تارن ۾ پيار ۽ اعتبار وانگر ترندي هئي. اسان جي سياست جيڪا اونداهي اڌ رات ۾ تيز هوا سان وڙهندڙ ميڻ بتيءَ جان ٻرندي هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن ڪنهن گمنام مزار جي مٿان ڪنهن گمنام مجاور هٿان ٻاريل هڪ پراڻو ڏيئو هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪاڪ محل ۾ ليئو هئي. اسان جي سياست جيڪا مومل جا انتظار ۽ انهن انتظارن کان به ڊگھا هن جا وار ۽ انهن وارن ۾ چمپا جي گلن جو واس هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن نوجوانن جو راڳ هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن نوجوانن جو ويراڳ هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن نوجوانن جو ڀاڳ هئي. اسان جي سياست جيڪا نوجوانن جي ويڻيءَ تي عشق جي سڪي ويل ڦٽ جو داغ هئي. اسان جي سياست جيڪا لوڪ هئي. لڄ هئي. اسان جي سياست جيڪا جهوڪ هئي. ڌڄ هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن ستل سج جاڳائيندڙ نغارن جي صدا هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن مصور جي خوابن جهڙي شام ويلي ڌرتيءَ کي ڌير ڏيندڙ ڌمال هئي. اسان جي سياست جيڪا زوال ۽ ڪمال جي نئين ڪهاڻي هئي. اسان جي سياست جيڪا مومل ۽ راڻي جي رومانس جو ٻيو باب هئي. اسان جي سياست جيڪا سگهڙ جي سٽن جي وڪڙ کائيندڙ وڄ ۽ ان جي ردم تي هلندڙ ڪڪرن جا قافلا هئي. اسان جي سياست جيڪا سڄي رات جي برسات کان پوءِ پکين جا آلا ٿي ويل آکيرا هئا. اسان جي سياست جيڪڏهن ڪڏهن سچو پچو پيار ۽ جيڪا ڪڏهن پنهنجي جيءَ مٿان پنهنجي هٿان ڪيل وار ۽ هڪ پرديسيءَ جو اڻپورو اقرار ۽ هر ساهه سوڳوار ۽ هر سوچ اشڪبار هئي. اسان جي سياست جنهن جي دار سان به ياري هئي ۽ جنهن کي وڏين اکين واري ڇوڪري به پياري هئي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن صبح جو اهاءُ هئي. هاڻي اها سانجهيءَ جو سوداءُ ڇو ٿي وئي آهي؟ اسان جي سياست اڄ به استاد ابراهيم جي سرن ۾ انهن پکين جو انتظار ٿي ڪري جيڪي واهيري جي وير نه وريا آهن.اسان جي سياست اداس انتظار ڇو ٿئي وئي آهي؟ اسان جي سياست مجبور اقرار ڇو بڻجي وئي آهي؟ اسان جي سياست غلامن جي ڪشتي ۾ تبديل ڇو ٿي وئي آهي. اسان جي سياست لڄ فروش بستي ڇو ٿي وئي آهي؟ اسان جي سياست ڪڏهن ته هڪ للڪار هئي ۽ اڄ اها جهرندڙ جهڻڪار ڇو ٿي وئي آهي. اسان جي سياست جيڪا ڪڏهن ڪنوار جي سهڻي صورت ۽ گهوٽ جي مهڪندڙ مورت هئي. اسان جي سياست جنهن ۾ ڪڏهن شهادت جي خوشبو هئي. ان ۾ ايتري اقتداري بدبو ڇو ڀرجي وئي آهي؟
(ناتمام)
یہ تحریر فیس بُک کے اس پیج سے لی گئی ہے۔
“