اونهارا سيارن ۾
۽ سيارا اونهارن ۾
اولجي اڳتي وڌن ٿا!
وقت جون ويرون سانجهيءَ جي سرمئي رنگن ۾ زندگيءَ جا اهي پل پسائن ٿيون،
جيڪي ڪڏهن اکيون آليون ٿيون ڪن ۽ ڪڏهن چپن مٿان مرڪ موٽائن ٿيون،
اڄ گهايل ڪونج وانگر ادي نسيم جي ورسي آئي آهي، تڏهن ياد آئي هن جي ٿڌي پيشاني. هن جي خاموش صورت. هن جون بند اکيون ۽ هن جي سمهي پيل ڪجهه ٽهڪ ۽ ڪجهه سڏڪا!
گذريل ڇهن سالن کان وٺي مون مسلسل سوچيو آهي ته ان مسافر مائيءَ جي لاءِ ڪجهه لکان جيڪا زندگيءَ جي پليٽ فارم تي منهنجي هٿ ۾ پنهنجين مڪمل ۽ غيرمڪمل ڪهاڻين وارو بريف ڪيس ڏئي پاڻ ان ريل ۾ چڙهي هلي وئي، جنهن جي ڪائي منزل ڪونهي!
هوءَ هلي وئي ۽ پويان رهجي ويون هن جون اهڙيون ساروڻيون جن کي صرف سلجهائجي به ته ڳوٺاڻيءَ عورت کي چوٽيءَ جهڙو هڪ ناول وجود ۾ اچي وڃي.
اهو ساڳيو اهو ئي ناول هوندو، جيڪو هن اڌورو ڇڏيو. اهو ناول جنهن جو عنوان هو ”رسندو ڀرجندو گهاءُ“
ڪي به ٽي لفظ زندگيءَ جي ايتري خوبصورت وضاحت نه ٿا ڪري سگهن، جيڪي اهي ٽي لفظ آهن!
زندگي واقعي ”رسندو ڀرجهندو گهاءُ“ آهي.
جڏهن اها زندگي سنڌي ٻوليءَ جي سرڪش ۽ سهڻي ڪهاڻيڪاره نسيم ٿيٻو جي هجي ته ان ۾ حسن جا هزارين پهلو چمڪي پون ٿا.
هوءَ جيڪا بهادر دل ۽ باغي دماغ واري عورت هئي، ان جي زندگي صرف ڪتابن واري شيلف نه هئي. هوءَ هڪ ڪلاسيڪل عورت هئي. مٺڙي آواز واري ڳائڻي ۽ موسيقيءَ سان ايتري محبت ڪندڙ جيتري محبت پهرين ۽ پوئين پيار ۾ هوندي آهي.
هن جي وجود ۾ نرت جون ڪيئي نهارون به هيون. هوءَ اياز جي انهن ٻولن جهڙو رقص ڪندي هئي ته:
”پريت پرينءَ جي پايل پايل
آيل آيل گهايل گهايل
منهنجا پير“
پر هوءَ ڪلا جي ڪوڙي جهان جي ڪوڏي نه هئي.
هوءَ سچي موتيءَ جهڙي معصوم عورت هئي.
هن جي جهڙي خوبصورت، بي خوف ۽ ڪلاسيڪل عورت سنڌ ۾ ڪڏهن پيدا ٿيندي؟
هوءَ هاڻي اسان جي ايترو ويجهو ناهي جو اسان هن کي ڇهي سگهون.
اسان صرف چنڊ کي اها وينتي ڪري سگهون ٿا ته:
”اڀر چنڊ پس پرين
تو ويجها مون ڏور!………..
اک ستارہ تھا میں
ایک تو سفر کی تھکاوٹ، پھر تقریب میں شرکت کا طویل وقت، اور پھر تقریب سے رہائش گاہ تک کا...