ڀلاري مھيني رمضان ۾ سوشل ميڊيا کان پاسو ڪري ڪتابن جو پاسو گهڻو ورتو جيڪو جيتوڻيڪ باقاعدھ ٢٠٠٨ کان وٺبو آهي (بي قاعدھ ان کان پھريان به وٺبو ھو) پر لاڪ ڊاؤن ۽ واندڪائي جي ڪري گهڻو وٺجي ٿو ـ لکندي افسوس به ٿي پيو ته سوشل ميڊيا جي حدين پار استعمال ڪتابن پڙهڻ جي عادت کي ذري گھٽ ڪفنائي ـ دفنائي ۽ ذھنن تان ميساري ڇڏيو آهي ـ ڪتاب سوشل ميڊيا تان به پڙهي سگھجن ٿا ھزارين Ebooks موجود آھن پر جيڪو مزو ڪتاب کي ڪتابي شڪل ۾ ھٿ ۾ جھلي ـ ويٺي ـ ليٽي ـ ڪتاب مٿان جھڪي مخصوص سٽن تي آڱر رکي انهن کي ورجائي پڙھڻ ـ ھائلائٽ ڪرڻ ۽ بڪ شيلف مان کڻي ۽ پڙھي واپس اتي رکڻ جو مزو ڪڏهن به Ebooks مان ماڻي نٿو سگھجي ـ اڄڪلھ جيڪو ڪتاب ھٿن ۾ آهي سو سنڌ جي نامياري ادبي شخصيت ـ ليکڪ ـ ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجسٽ ـ اداڪار ـ ڪرڪيٽر ـ ڪالم نگار ۽ انيڪ ايوارڊ ماڻيندڙ ھڪ عاجز ۽ نماڻي شخصيت قاضي امر جليل بابت آهي ـ بابت ان ڪري جو ھن ڪتاب ۾ انھن بابت ۽ انهن جون ڪجهه پنهنجيون به لکڻيون آھن پر انھن کي سھيڙيو ڪنهن ٻئي ماڻهو آهي سو ڪتاب آهي " امر جليل نمبر" ۽ سھيڙيندڙ آھن پروفيسر محمد سليم ميمڻ ـ ڪتاب جي شروعات ۾ ئي آتم ڪٿا جي جي حصي " رڪارڊ درست رھڻ گھرجي " مان خبر پئي ته امر جليل صاحب جن جو مضمون ادب نه پر اڪنامڪس آهي ـ پاڻ ڪراچي يونيورسٽي مان اڪنامڪس ۾ MA ڪيائون ـ اھو پڙھي وري ھڪ سوال ذھن ۾ اڀريو جيڪو سدائين اڀرندو آهي ته ادب ۾ آخر اھڙي ڪھڙي ڇڪ آهي جيڪا جيڪا ماڻهن کي موھي ٿي ڇڏي ؟ ماڻهو ڀلي ڪھڙي به ميدان ۾ ڪم ڪندا ھجن ادب طرف ڇو ٿا ڇڪجن ؟ امر جليل صاحب جو سبجيڪٽ اڪنامڪس پر پاڻ اديب ـ پيرزادي قاسم رضا جو سبجيڪٽ فزيالاجي ۽ بائيو ڪيمسٽري پر پاڻ اديب ـ رسول بخش پليجو جن جو مضمون قانون پر پاڻ ادب سان لاڳاپيل ۽ سياستدان به ـ سر محمود مغل جن MBBS ڊاڪٽر پر پاڻ ورسٽائل ليکڪ ـ علامه آء آء قاضي جن جو مضمون به معيشت پر پاڻ اديب ـ مخدوم امين فھيم جن جو سبجيڪٽ پوليٽيڪل سائنس پر پاڻ شاعر ۽ اديب ـ اياز لطيف پليجو جن به انجينئر پر پاڻ سياستدان ۽ اديب ـ ساڳئي ريت ڪجهه ماڻهن جا مضمون علم حيوانات يا نباتات پر لاڙو ادب طرف ـ ادب ۾ آخر ايتري اٽريڪشن ڇو ؟ آتم ڪٿا جي حصي " ڊرامن جي دنيا " مان ھڪ ٻئي ڳالهه خبر پئي ته ميڊيا تي پابنديون اڄ نه پر اڳئي به حساس ادارن ـ خفيھ ادارن ۽ سرڪار سڳوري پاران مڙھيون وينديون ھيون ـ ساڳئي حصي ۾ پاڻ پنهنجي زندگي جو سڀني کان وڏو پڇتاؤ ۽ ٻين لاء سبق ڏنو اٿاؤن ته ادب جي دنيا ۾ نال ڪمائڻو آهي ته TV ۽ ريڊيو لاء ڊراما ۽ ڊائلاگ يا فلمن جون ڪھاڻيون لکي نه پر پر افسانھ ۽ ناول لکي ڪمائن وڌيڪ بھتر آهي ـ سڀني کان دلچسپ ڳالهه ھن ڪتاب جي ته زندگي جي وڊيو رڪارڊنگ نه ٿيندي آهي جو ايڊيٽنگ ڪري اڻ وڻندڙ سين ايڊٽ ڪري سگھجن ـ ڪتاب جي چيپٽر "موٽ" ۾ لکيل ھن ڳالھ سان ١٠٠% متفق ٿبو ته ڪجهه شاگرد يونيورسٽي ڇڏڻ کانپوء به اتي رھجي ويندا آھن ـ ڊپارٽمنٽ جي ڪوريڊور ۾ پنهنجي آواز جو پڙاڏو محسوس ڪندا آھن ـ اھي شاگرد يونيورسٽي کان جسماني طور جدا ٿيندا آھن پر ذھني ـ روحاني ـ اخلاقي ۽ جذباتي طور تي اتي رھجي ويندا آھن ۽ اتان نڪري نه سگھندا آھن ـ ساڳئي باب ۾ انھن پنهنجي لکيل انگريزي ڪتاب " Love , Longing and death" جو تعارف به ڪرايو آھي ـ باب جي آخر ۾ ان ڳالھ جو احساس ٿيو ان سان گڏو گڏ خوشي به ته جيڪا مڃتا امر جليل صاحب کي سندن ۵٠ سالن جي ڪاوشن تي ملي سا ھر ان انسان "جيڪو ان جو حقدار آھي" کي ان جي زندگي ۾ ملڻ گھرجي جيئن اھو ڏسي سگهي پر افسوس جو اسان Posthumous recognition تي سچو ويساھ رکندا آھيون ۽ اھو ئي ڪندا آھيون ـ امر جليل بابت شوڪت حسين شورو جي لکيل باب " امر جليل ـ ڍڳي جا سڱ ۽ ھيمنگوي " ۾ شوڪت حسين شورو لکيو آهي ته "ارنسٽ ھيمنگوي سدا بھار ليکڪ آهي جنهن جي اسٽائل جو جادو جھڪو ڀلي ٿيو ھجي پر اڃان ختم نه ٿيو آهي " اھو پڙھي خليل جبران جو قول ياد آيو ته " Death can dim the lamp of knowledge but can not extinguish it" . ھيٺئين سٽ وري ڀٽائي سرڪار جي ياد ڏياري ته "اسين مشرقي ماڻهوَ صنف نازڪ جي چيچ ڏسي به عشق ڪري ويھندا آھيون" ـ لڇمڻ ڪومل جي ليک ۾ سندن جي امر جيل سان عقيدت ڏسي احساس ٿيو ته سنڌي ڪھڙي به مذهب يا ملڪ سان واسطو رکي سدائين عاجز رھيو آهي ـ نھٺائي ۽ نماڻائي ھن جي وجود جو حصو رھيا آھن ـ پکي افسانو پڙھي اچرج ٿي ته امڙ صحيع ھئي يا پٽ پر شايد پٽ اھو نه سمجهندو ھجي جيڪو امڙ ڏسندي ھجي ـ و الله اعلم ـ اروڙ جو مست جي ھن سٽ جو حوالو ڏاڍو وڻيو ۽ دل سان لڳو ته سنڌ ۾ ڪاني ڪرامتن جو پير ٿجي يا رھزن ڌاڙيل ٻئي ڌنڌا ھڪجھڙا آھن ٻنهي ۾ ھڪجيتري ڪمائي آهيـ ڌاڙيلن لاء وري به قانون آهي پر ڪاني ڪرامتن جي پيرن لاء ناھي ـ سنڌ ۾ چرين کي پير ۽ ديوانن کي پھتل سڏيندا آھن ـ ھڪ نئين ڳالهه شايد سڀ لاء نئين نه ھجي ليکڪ جي لکڻين تي سندس ماحول ۽ شھر جو وڏو اثر پوندو آهي ـ ليکڪ جنهن شھر ۾ رھي ٿو جنهن ماحول ۾ اٿي ويھي ٿو انھي حساب سان سندس سوچ ۽ لکڻ جو انداز به بدلجي ٿو ـ حالتن کان باغي ۽ نااميد ٿي ٻين ڪجهه ماڻھن وانگر امر جيل به آپگھات جي رومينس ۾ مبتلا رھيا ـ عمر جي ھڪ حصي ۾ اڪثر ماڻھن ۾ آپگھات سان رومينس جو سج اڀرندو آهي جنهن کي اڳتي ھلي وقت اولھ ڏانهن وٺي وڃي لاھي ڇڏيندو آهي ـ ڊاڪٽر سحر امداد "امر جليل نامه " ۾ امر جليل بابت لکن ٿيون ته انهن آپگھات ته نه ڪيو پر اسان کان پري ضرور ٿي ويا ـ جڏهن انھن اسلام آباد ۾ رھائش اختيار ڪئي ۽ پورا Islamabadian ٿي ويا ـ اسلام آباد کي راڄن مھاراڄن جو شھر چيو ويندو آهي ۽ جيڪو ھڪ ڀيرو اتي قدم رکي ته واپسي کان سوچي به ڊڄندو آهي ـ ھن ڪتاب ۾ امر جليل صاحب کي ٽن مشھور شخصيتن سان ڀيٽيو ويو آهي پھريون بنگالي ليکڪ رابندر ناٿ ٽيگور سان ٻيو ارنسٽ ھيمنگوي سان ۽ ٽيون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان پر الله سائين ھن ڪائنات جي ھر انسان کي مختلف تخليق ڪيو آهي ڪوئي ڪنهن سان نٿو ملي ھر انسان پنهنجو پاڻ ۾ يونيڪ آهي ـ
امیر خسرو کی فارسی غزل کے کھوار تراجم کا تجزیاتی مطالعہ
حضرت امیر خسرو کا شمار فارسی کے چند چیدہ چیدہ شعرا میں ہوتا ہے۔ ان کی ایک غزل کافی مشہور...