عيد بعد اسان جي ملڪ ۾ ڪرونا جا ڪيس تيزي سان وڌي رھيا آھن ھن وائرس جي ڪري مرندڙ ماڻھن جو تعداد به تيزي سان وڌي رھيو آھي 2جون تي ھڪ ڏينھن ۾ سڄي ملڪ ۾ 3943 نوان ڪيس ظاھر ٿيا آھن 943 ماڻھون مئا آھن جڏھن ته سنڌ ۾ ھڪ ڏينھن ۾ 1459 نوان ڪيس سامھون آيا آھن جڏھن ته صوبائي وزير مرتضي بلوچ سميت 23ماڻھون مئا آھن 64ماڻھون وينٽليٽر تي آھن ملڪ جي سڀن صوبن مان سنڌ اڳيان آھي ٻئي نمبر تي پنجاب آۡھي عيد جي موقعي تي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي کوليل بازايون شاپينگ ھال وفاقي حڪومت پاران شروع ڪيل ريل گاڏين ٽرانسپورٽن جي دٻاء ۾ اچي حڪومت پاران مسافر گاڏيون ھلائيڻ جي اجازت عيد نماز عيد گاھن مسجدن کليل ميدانن تي ايس او پيز تحت ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ بعد مون سميت ڪالم نگارن تجزيا نگارن اھي خدشا ظاھر ڪيا ھئا ته عوام ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ته ان جا نتيجا خطرناڪ سامھون ايندا ڪرونا ايتري ته ڦھلجي سگھي ٿي جنھن سان موت ۾ ايترو ته اضافو اچي سگھي جو امڪان آھي جو شايد اسپتالن ڪرونا سينٽرن ۾ جڳھ نه ملي سگھي پر ھنگامي حالتن لاء جيڪي ھوٽلون خانگي اسپتالون تعليمي ادارا سليڪٽ ڪيا ويا آُھن اھي ناڪافي ٿي وڃن جھڙي ريت ڪرونا جي ڪيسن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي اھا صورتحال تشويش ناڪ آھي الله نه ڪري پر شايد حالتون اھڙيون خراب ٿي وڃن جو جو اسان سوچيو به نه آھي شايد اسان کي اجتماعي قبرن ۾ دفنايو وڃي اسان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جو جيڪو حال آھي جيڪا صورت حال آھي نه ايترا وينٽيليٽر آھن جو ايترن ڪيسن کي منھن ڏئي سگھي سچ اھو آھي ته ھن صورت حال جا ذميوار اسان پاڻ آھيون ھن صورت حال ۾ به اسان ھوش کان ڪم وٺندي ايس او پيز تي عمل ڪريون ھا ته صورتحال ھي پئدا نه ٿئي ھا نه ڪري رھيا آھيون جڏھن ته ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن جي ھدايتن تي عمل نه ڪرڻ ڪري عيد کانپوء جنھن صورتحال جو خوف ھو اھو ئي ٿيڻ شروع ٿي ويو آھي عيد بعد ڪرونا ڪيسن ۾ مسلسل اضافو ٿي رھيو آۡھي۽ ڪيس ڏينھون ڏينھن وڌي رھيا آھن پھرين اھو ٻڌايو پي ويو ته ڪرونا ۾ 50سالن کان مٿي عمر وارا ۽ معصوم ٻار وڌيڪ متاثر ٿين ٿا پر ڪرونا ڪري جيڪي ماڻھون مري رھيا آھن انھن ۾ نوجوان به شامل آھن جڏھن ته ڪرونا جون نشانيون ٻڌايون ويون ان ڱانسواء به ٻين علامتن سان ڪرونا حملي آور ٿي رھي آھي چين جي ووھان کان شروع ٿيندڙ ڪرونا وائرس ڏسندي ڏسندي سڄي دنيان ۾ پکڙجي عالمي وبا جي صورت اختيار ڪري سڄي دنيان کي پنھنجي لپٽ ۾ آڻي ڇڏيو آھي سڄي دنيان ۾ ڪرونا جو خوف حيراس آھي ھي وبا اسان تائين عراق ايران جي زيارتن تان واپس ايندڙن عمري جي سعادت حاصل ڪري سعودي مان ايندڙن ٻاھرين ملڪن مان ايندڙ تبليغي جماعت وارن ۽ ٻاھرين ملڪن مان ايندڙ پاڪستانين مان پکڙي جئين چين ۾ ھي وبا پکڙي ته اسان جي وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي سرحدن ايئر پورٽن تي سخت حفاظتي اپاء وٺڻ ٻاھران ايندڙن جون ٽئسٽون ڪري پوء ڇڏڻ جو اعلان ڪندي بار بار ان ڳالھ جو ورجاء ڪندو رھيو ليڪن ھنن صرف ٽيمپريچر چيڪ ڪرڻ واري آلات سان چيڪ ڪري ڇڏڻ کانسواء ڪجھ به نه ڪيو حالانڪ ھنن کي عمري تان زواري تان ٻاھرين ملڪن مان ايندڙ ملڪ واسين سميت جيڪي غير ملڪي خاص طور تبليغ جماعت جي غير ملڪي ماڻھن جون ٽئسٽون ڪري ڪلئر ڪري ڇڏين ھا ته ھي صورت حال نه ٿئي ھا زواري تان تافتان کان ايندڙن کي سرحد تي ڪيترائي ھفٿتا روڪيو ته ويو پر نه ٽئسٽ وري مٿان سڀن زوارن کي ھڪ ھنڌ تي ترسايو ويوليڪن اتان جيڪي لڪي پنھجي شھرن ۾َپھتا جن کي مٽ مائيٽن پاڙي وارن دوستن مبارڪباد ڏيندي انھن سان مليا اتان ڪم خراب ٿيو ان کان وڌيڪ جيڪو ڪم خراب ٿيو اھو ته عمري تان ۽ مختلف ملڪن مان ايندڙ ديس واسين توڙي غير ملڪي تبليغ جماعت وارن جيڪي ھوائي جھازن ذريعي آيا انھن جو ٽيمپريچر ڏسي گھر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي ڪم اتان وڌيو جيڪڏھن وفاقي حڪومت ان حوالي سان شروع ۾ سخت انتظام ڪري ھا ته اسان وٽ تائيوان وانگر گھٽ نقصان ٿئي ُھا وفاقي حڪومت جي نااھلي بعد اسان عوام ڪرونا کي معمولي سمجھي غير ذميوارنه ڪردار ادا ڪيو اڄ به لاپرواھي جو مظاھرو ڪري رھيا آھيون جنھن جا نتيجا تيزي سان سامھون اچي رھيا آھن اسان جيڪو غير ذميوارنه مظاھرو عيد کان اڳ لاڪ ڊائون جي نرمي دوران عيد جي خريداري ڪندي ڪيو آھي اسان جيڪو غير ذميوارانه مظاھرو عيد نماز ۾ ڪيو ۽ عيد بعد ڪري رھيا آھيون ان جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا عيد بعد به اسان اھڙي لاپرواھي جو مظاھرو ڪري رھيا آھيون ائين لڳي رھيو آھي جھڙو عيد کان اڳ لاڪ ڊائون ۾ نرمي کان وٺي ھن وقت تائين ڪرونا ختم ٿي وئي آھي عيد کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ جو حال ڏسي خدشو ظاھر ڪيو ھو ته عيد کان ٻه ھفتا پوء ان جو نتيجو سامھون ايندو عوام جي اھڙي بي راھ روي ايس پي اوز تي عمل نه ڪرڻ ڪري پھرين وفاقي حڪومت ملڪ ۾ ٻيھر اڳ کان سخت لاڪ ڊائون جي ڳالھ ته ڪئي پر ملڪ جون معاشي حالتون جيڪي اڳئي خراب آھن لاڪ ڊائون جي ڪري وڌيڪ خراب ٿيون وڌيڪ لاڪ ڊائون ڪرڻ سان ملڪ جو معاشي ڏيوالو نڪري وڃڻ جي خدشي ڪري ملڪ ايس او پيز تحت انٽر سٽي ٽرانسپورٽ صنعتيون ۽ ڪجھ ڪاروبار ڇڏي باقين کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي ساڳئي وقت وفاقي حڪومت خبردار به ڪيو آھي ته کوليل صنعتي شعبي بازارون پبلڪ ٽرانسپورٽ کي خطرناڪ قرار ڏيندي چيو آھي ته اتي ڪرونا خطرناڪ حد تائين پکڙبي سچ اھو آھي ته ھاڻ جڏھن ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن پڌرو ڪيو آھي ته ڪرونا ۽ زندگي گڏو گڏ ھلندي ٻيو ملڪ جي معاشي حالت وڏو طبقو آڻ چاڙھ وارو مزدوري ڪندڙ ان ڪري وڌيڪ لاڪ ڊائون سان ڪرونا کان وڌيڪ بل
بک ۾ ماڻھون مرن ھا سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جو اھو بيان ته ڪرونا تي ضابطو آڻڻ جو واحد حل احتياط آھي لاڪ ڊائون دوران وفاق جيڪي حقي حقدار ھئا انھن مان صرف پنجاه سيڪڙو ماڻھن کي ڪفاليت احساس پروگرام تحت 12000رپيا ڏنا ويا ٻيا غريب جن وفاق جي حڪم تي درخواستون موڪليون ھيون جن کي جانچ پڙتال بعد ڏيڻ جو چيو ويو ھو اھي مسڪين 12ھزارن جي اوسئڙي ۾ آھن ته ڪڏھن ٿا پئسا اچن پھرين جيڪو لاڪ ڊائون ڪيو ويو ھو اھو بغير پلاننگ جي بس تڙ تڪڙ ۾ ھئڻ ڪري ڪامياب نه ويو اسان جيڪو لاڪ ڊائون دوران تي عمل نه ڪيو عيد جي موقعي تي ايس او پيز تي عمل نه ڪيو جيڪو غير ذميواري جو مظاھرو ڪيو ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا ھاڻ جڏھن ھڪ طرف ڪرونا تيزي سان وڌي رھيو آھي ٻئي طرف لاڪ ڊائون جھڙو ته ختم ڪيو ويو آھي اھڙي صورت حال ۾َ ھن عالمي وبا کي معمولي سمجھي نظر انداز ڪرڻ وڏي بي وقوفي ھوندي اسان کي پاڻ تي گھر وارن تي پاڙي وارڊ شھر صوبي ملڪ واسين تي رحم ڪرڻ گھرجي احتياط نه ڪرڻ باھ ۾ ٽپو ڏيڻ ۽ ٻين کي به باه ۾ وٺي وڃڻ برابر آھي ان حوالي سان حڪومت کي انتظاميه جي معرفت ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائيڻ گھرجي ھن سلسلي ۾ علماء حضرات سياسي سماجي علمي ادبي صحافتي حلقنن جي اڳواڻن چئرمئنن ڪائونسلرن ساڃاھ وندن تي تي مبني ضلع تعلقي شھر وارڊ پاڙي وائيز ٻھراڙين ۾ يوسيز ديھ ڳوٺ وائيز ڪميٽيون ٺاھيون وڃن جيڪي عوام کي سمجھائين ۽ لاڪ ڊائون تي عمل ڪرائين ھن عالمي وبا کان بچڻ جو ھڪ ئي حل آھي احتياط اچو ته احتياط جي ھٿيار سان ڪرونا سان وڙھي شڪست ڏيون