اي بهادر ماءُ جا خوبصورت پٽ!
مون کي تنهنجو پيار نه
مون کي تنهنجي عزت گهرجي!
اهي خوبصورت ماءُ جا بهادر پٽ
مون کي تنهنجي محبت نه
مون کي تنهنجي بغاوت گهرجي!
اي جديد دور ۾ جيئڻ وارا مرد
مون کي تنهنجيون مڇون نه
مون کي تنهنجي مڙسي گهرجي!
اي اداس اکين وارا ڇوڪرا!
مون سان ائين محبت ڪر
جيئن ٻار ماءُ سان ڪندو آهي!
اي بکايل پيٽ وارا نوجوان
منهنجي پيار جي پنڊيءَ ۾
منهنجي محبت جي ماني کاءُ!
اي وحشي دل وارا دلبر!
عورت صرف جسم ناهي!
اي مضبوط جسم وارا پٿر دل دوست
مون کي پاڻيءَ جهڙو پيار ڏي!
اي جسم جي مٽيءَ ۾ چرندڙ جيت
مون لاءِ پيارو جو پوپٽ بڻجي وڃ
۽ منهنجي روح جو رومانس!
اي منهنجي لپ اسٽڪ لڪڻ وارا
منهنجي ويجهو اچ
منهنجي دل جو رت پيءُ!
اي ڊگهن ۽ سخت هٿن وارا
محبت مختصر لمحو آهي!
اي خراب خواب ڏسڻ وارا
اکين کي ويجهو آڻ
ته جيئن مان تنهنجا پاپ
پنهنجن چپن سان مٽائي سگهان!
اي گهرا ساهه کڻڻ وارا
اتر جي هير
تو سوا چير
وجهندي آهي!
اي منهنجا سهڻا
ڪٿي نظر نه لڳئه
اچ ته تنهنجي ڳل تي
ڪجل جو تلڪ هڻان!
اي منهنجي من جا مرد
مون کي نٿ نه
چپن مٿان چنڊ لاهي ڏي
مون کي ٽڪو نه
پوري ڌرتي منهنجي پيشانيءَ تي لڏاءِ
۽ مون لاءِ ڳاءِ
اهو گيت جيڪو ڳائڻ لاءِ
تو هن دنيا ۾ جنم ورتو!
اي منهنجي دل جا دوست!
مون کي منڊي نه
تنهنجي دل گهرجي
تنهنجي اها دل
جيڪا صرف منهنجي لاءِ ڌڙڪي!
اي انتظار ڪرائڻ وارا
اي ڀٽن ۾ ڀٽڪائڻ وارا
اي زندان ۾ وجهڻ وارا
اي درياهه جي سيرن ۾
سمارڻ وارا
اي محبت جي مئخاني ۾
مڌ بدران وهه پيئڻ وارا
منهنجا متارا
منهنجي وجود جا سمورا پيگ
تنهنجي چپن جا منتظر آهن!
اي سنڌ جا جديد نوجوان
مان توکي صرف اهو ٻڌائڻ ٿي چاهيان
ته محبت:
”شاهه جو رسالو آهي“
حالات کے دھارے
ہر شخص کی نوجوانی میں ایک ایسا وقت یا ایسا لمحہ ضرور آتا ہے، جب نوجوان لڑکے، لڑکیوں میں جذباتیت...