امداد حسينيءَ جي نالي
ناتمام نظم
پنهنجي ويڻيءَ ۾ ٻڌل واچ
تڪين ٿي هر هر!!
وائڙو وقت وصالن سان رسي ويندو آ
تو جڏهن به چيو:
“مان هاڻ هلان ٿي جانان”
تنهنجي ڳوڙهي سان سندم ڳل پسي ويندو آ
رات بدڪار نه هئي
رات ته مجبور هئي
هير مغرور هئي
گهر جي گهٽي دور هئي!
تنهنجي مئه خاني ۾
نئين رند جو رونشو ڇا هو؟
هڪ شرابيءَ کي لڳل
ٻي شرابيءَ جو ٺونشو ڇا هو؟
ڇا هيو وقت؟
اها مهل ڀلا ڪهڙي هئي؟
سڀ چون ٿا ته اها چال ۾
تو جهڙي هئي!!
ساڳيو نخرو ۽ نگاهن ۾
اها ساڳي خفت
ساڳي جلدي
۽ اها ساڳي وڃڻ جي وائي!
تنهنجي چپڙن جي مساڳن ۾
اها مئه آهي
تنهنجي چڪڙن جي نشانن ۾
اها لئه آهي
جنهن جي ڳولا ڪندي
مون عمر گذاري آهي!!
تون چوين ٿي ته اڃان
راند رهي لفظن جي
تون چوين ٿي ته:
اڃان لئه به آ ڌيمي ڌيمي
پنهنجي ڇاتيءَ جي ڇهاون کي
ائين تيز نه ڪر
منهنجي ڪوتا تنهنجي ڪڙتي ۾
الجهي نه پوي!
سنب سيني ۾
اهو وقت جو وحشي گهوڙو
جنهن کي معلوم نه هو
تون اڃان معصوم هئين
تون جڏهن مون سان ملي هئينءَ
تو چکيو ڪين هيو
ڪنهن جي چپ کي
پنهنجي ڄڀ سان
توکي معلوم نه هو
عشق ائين ٿيندو آ!!
تنهنجي اکڙين جا ڪنول
هير تي لڏندا ئي رهيا
توکي ساهن جي گرم لڪ
جو پتو ڪين هيو!
تنهنجي وارن جون لٽون
تنهنجي ڳٽن تي لڙڪيون
تو جڏهن پيار ڪيو
روح کي سنگسار ڪيو!
تنهنجي چولي ڪڏهن چيلهه تان
ترڪي ٿي مٿي
توکي ان پل جو پتو ڪين پيو
تون ته مخمور شرابيءَ جو ڪوئي خواب هئينءَ
رات جو سج ۽ ڏينهن جو مهتاب هئينءَ
توکي سانڍيو هو ڪلالن پنهجي ڪافر من ۾
تون ته برسات هئينءَ
شام هئين شرميلي!!
مون تو کي نظم جي نئين ڌن ۾
سمائڻ چاهيو
مون توکي شاهه جي وائين ۾
ڳائڻ چاهيو
مون پنهنجي من جي گهڙولي به وڄائڻ چاهي
مون تنهنجي تن ۾ گهڙڻ جا پئي رستا ڳوليا
مان ته بي صبر هئس
تون مگر تسڪين هئينءَ
روح ۾ ڏاڍي مٺي
جسم ۾ نمڪين هئينءَ
مان جهليان به سندم جسم
جهليان ڪيئن جانان!!؟
مون توکي خواب ٻڌايو هيو
انهيءَ رات جو خواب
رات جنهن ۾ ٿي سڄي ڳوٺ جا جارا جاڳيا
سڀ ستارا ها ستا بادلن جي بستر ۾
نيڻ ننڊ ۾ هئا مگر پوءِ به نيسارا جاڳيا
ڪيترو شور هيو پاڙي ۾
مان مگر پيار جي مهڪيل مٽيءَ ۾ ماٺ هئس
دور ڪنهن ڍنڍ ۾ آهستي لڏيو نيل ڪنول
جنهن مٿان پنَ رنو،
مينهن جو ميرانجهڙو لڙڪ
۽ هوا ائين رني
جئين روئي خواب ۾ خواب
تون انهيءَ خواب جي تعبير بڻي آ، جانان
منهنجي ويجهو ته اچ
مون کي روئي پيار ته ڪر
جي ڳلن تان ٿا ڳڙن ڳوڙها پٿر
مون کي تون سڪ سان سنگسار ته ڪر
تون مون کي پيار ته ڪر
پيار ته ڪر
پيار ته ڪر!!
هي تنهنجو شهر
تو جنهن ۾ لکيا ڪيئي خط
هي تنهنجو شهر جو شبنم هيو
مهڪيل، مهڪيل
هي تنهنجو شهر
صفا سحر هيو ٺاهوڪي
هي تنهنجي شهر جو چنڊ
اجرو اجرو
هي تنهنجي موهه منڊ
گدلو گدلو
هي تنهنجو شهر
جنهن شهر ۾ هئي ڪال گرل
تون سندءِ نانءُ
رکين ٿي سگهين
فال وجهي
منهنجي دل جي سڄي دفتر جو
هر لفظ، هر ڪاما، سندس نانءُ آهي
مون ان کي خوب لڪايو هيو
ابداڻي ۾
هوءَ جا پئسا وٺي ٿورا
پيار گهڻو ڏيندي هئي!!
تنهن هيون ننڊ جون گوريون کاڌيون
۽ رڳو هڪ ۽ ٻه نه
هن ته سموريون کاڌيون
مان سندءِ سوڳ ۾ هڪ عمر گذاري آهي!
هو تنهنجو شهر
جنهن شهر ۾ هئي
آتش مئه!
هي تنهنجو شهر
صفا ماڪ نما جهڙو هو
هي تنهنجو شهر جو اوچتو شمشان بڻيو
مون جنهن ۾ شاعري سڙندي ٿي ڏٺي.
هاڻي سگريٽ دکائي ٿو سوچيان، جانان!
ڇا فقط رک رهي آ،
لهجن ۾ سکي؟؟؟
رات مغرور نه هئي
رات ته مجبور هئي
ڪنهن وفا جي ٿي وڳي بين
۽ اهو چوڪيدار
جنهن جي ساهن ۾ هئي
ڄڻ ته سرائيڪي ٻولي
جنهن سان الجهيو اچي
ايمبولنس جو سائرن ڪوئي
جنهن ۾ هئي ماڪ ۾ وهنتل وينگس هڪڙي
شهر کي ڪو به پتو، ڪو به پتو، ڪونه پيو!!
مان ڪراچيءَ ۾ ڪويتا ته لکان
ڪيئن لکان؟
مون ته ٻولين جي ترنم ۾ آ جيون ڪاٽيو
مون کي گولين جو ترنم ڀلا ڇا معلوم؟
هي تنهنجي شهر جي سياست
صفا الٽيءَ جهڙي
هيءَ تنهنجي شهر جي سياست
رت جي گرڙيءَ جهڙي
هي تنهنجي ڳڻپ جي موسم ته آ
ارڙيءَ جهڙي!!
هي تنهجو شهر
مان ان ۾ چلم ڪيئن پيان؟
ڪيئن پيان؟
هي تنهنجو شهر
مان ان ۾ جيئان، ڪيئن جيئان؟
مان تنهنجي شهر ۾
اچانڪ سان مري ائين ويندس
جيئن ڪيٽيءَ تان
ڪائي ڪونج اڏي
جيئن ڪنهن گونگي مسافر جي
ڪائي گونج اڏي
مان تنهجو شهر ڇڏي ايئن ويندس
جيئن تون مون کي ڇڏي وئي آهين!
صفا چپ چاپ،
صفا ماٺ ۾ ائين
جيئن ڪو ارهه ڇڏي
ٻار جا چپڙا چپ ۾!!
مون کي مايوس ڪري
ڇا ته توکي حاصل ٿيو؟
تون جا اميد جي اکڙين جو
ڪجل آن ڪارو
تون جا اونهاري سياري کان گهڻي اڳتي آن
تون جا هڪ مرڪ آن
هڪ پيار جي هلڪي هلڪي
مون کي روئاري
تو کي ڀلا ڇا ته مليو؟
مان تنهنجي مست ترنم جو
ڪو ڀٽڪيل تارو
مان تنهنجي ياد ۾ وڄندڙ آن
اهو يڪتارو
جنهن جي هر تند سندءِ
تن ۾ آ تاڻيل آ جانان!
مون کي ڳائڻ ته ڏي
پاڻ وڃائڻ ته ڏي
مون کي ڳائڻ ته ڏي
پاڻ کي پائڻ ته ڏي
مون کي ڏي مست جوانيءَ جو مزو موٽائي
تنهنجي وارن ۾ ويهي، مان لکان شعر ڪوئي
ها اهو نظم جو ٻولي ٿو مون ۾ ٻيهر
مان اهو نظم اتاري، لکڻ ٿو چاهيان
شاعري ڪيئن ڪبي آهي؟ٻڌ
مان تنهنجي رئي تي اها رمز سکڻ ٿو چاهيان!!
مان جيئڻ لاءِ وري، توسان مرڻ ٿو چاهيان
آئون چاهيان ٿو وري، توسان جيئان هڪ جيون
اهڙو جيون، نه جنهن ۾ ڪوئي درد هجي
اهڙو جيون، هجي جنهن ۾ پهاڙي وادي
جتي جهرڻن تي هجي، رقص رڳو ڪرڻن جو
جتي پوپٽ نه هجي ڪوئي پريشان
۽ نه ڪوئي گل،
پنهنجي تنهائيءَ ۾
حيران هوائن کي چوي:
“هو ڪٿي آهي، ڪٿي؟”
هوءَ اتي آهي، اتي
ها جتي سرخ سويرو آ
سندءِ شال مثل
ها جتي سارا ستارا ٿا لڪن
هن جي گهنگهور گهگهي ۾
چورن وانگر
ها جتي مند به بدمست آ
ڇورن وانگر!!
هي منهنجو نظم
گناهن جي گلابن جهڙو
هي منهنجو پيار
ثوابن جي عذابن جهڙو
هي تنهنجي سار
صفا سرد هوائن جهڙي
منهنجي فرياد صفا
زرد دعائن جهڙي!!
مان جو ماحول کي مغموم ڪرڻ ٿو چاهيان
مان جو هن پيار کي منظوم ڪرڻ ٿو چاهيان
مون کي معلوم آ
هي ردم ٽٽي ٿو هر هر
لفظ ٿڪجي ٿا کڻن ساهه ائين….!!
تون ڇڏي وئينءَ جئين
تون ڇڏي وئينءَ ائين!
جيئن ڇڏي وقت کي
ڪوئي قريب المرگ
تون سان مون ڪيتريون ڳالهيون نه
سلڻ پئي چاهيون
مون توسان ڪيتريون راهون نه
هلڻ پئي چاهيون
سڀ اهي راز
جي آواز کي پهچي نه سگهيا!!
هن چيو “شاعري ته بحر وزن ٿيندي آ”
هن کي معلوم نه هو
لئه جو ترنم ڇاهي؟
هن نه ساغر کان پڇيو
مئه جو ترنم ڇاهي؟
هن کي معلوم نه هئي
اسڪيم انهيءَ ساقي جي
جنهن جا گهاٽا ڊگها ڇپر ها ائين
ڪنهن ملائڪ جا پر هجن ها جيئن!!
شاعري درد جو دريا آهي
هن ڪويتا جي پراڻي ڪشتي
هاءِ هي تنهنجي جوانيءَ جو سرڪش دريا
هاءِ هي مست مهاڻي جي پيل کيسي ۾
هڪڙو سگريٽ ۽ آخري آلي تيلي!!
زندگي درد به آ
درد جو ابهام به آ
زندگي صبح به آ
زندگي شام به آ
زندگي نيڪ ناميءَ جي نقابن ۾ لڪيل
ايتري بدنام به آ
جيتري بدنام، اها عورت هئي
جنهن چيو هو ته:
“آهي زندگي ٽٽل ٽاري”
تون مون کان شهرَ وٺي ڇڏ
۽ مون کي ڏيئي ڇڏ
بس اهو ڳوٺ
ها! مان جنهن ڳوٺ ۾ ڄاتو
ته جواني ڇاهي؟
۽ اها ڇوڪري، جنهن جا ارهه اڌ ٽڙيل
جنهن جي وارن ۾هيو ٿورو ٻڦو
۽ گهڻو پيار هيو اکڙين ۾!!
ها اها ڇوڪري
جا سرد خوابن مان ڪڏي آئي هئي
پنهنجي والين جي وڇوڙن ۾ لڏي آئي هئي
جنهن جي نڪ ۾هو پيل، نم جو ڪک
جنهن جي اکڙين ۾ هيو مست هوا جو جادو
جنهن نمورين سان سڄي سينڌ هئي سينگاري
ڪيئن ته کلندي هئي؟
ملندي هئي مرڪي مرڪي!!
ڪيئن جوانيءَ جي جهوٽن کان
بيزار هئي!
هوءَ جا بس پيار هئي
پيار هئي
پيار هئي!!
یہ نظم فیس بُک کے اس پیج سے لی گئی ہے۔