”شور تي اک پٽيم، ڏٺم تھ
فتني جي رات اڃان جاري آھي
پاسو ورائي سمھي پيس“
اھو فارسي شعر مون کي منڍ کان وٺي وڻيو آھي
پر اڄ مان ان شعر کي مسترد ٿو ڪريان
فتني جي رات ۾سمھڻ نھ گھرجي
فتني جي رات ۾ اٿڻ گھرجي
۽ مقابلو ڪرڻ گھرجي.
سنڌ جا ماڻھو صدين کان ستل آھن
ان ڪري فتني جي رات جو انت نھ ٿو اچي.
اُھا بھ فتني جي رات ھئي
جڏھن حليم بروھيءَ کي اڪيلو ڪري
تنقيدن جي ”آڙاھھ“ ۾ اڇلايو ويو
اِھا بھ فتني جي رات آھي
جڏھن ھن جي گذاري وڃڻ کان پوءِ بھ
ھن مٿان تنقيد جا تير ھلايا پيا وڃن.
اھا سراسر زيادتي آھي، ظلم آھي تھ
حليم بروھيءَ کي ھڪ معمولي مشڪرو بڻائي پيش ڪجي
ھن جي جينئس کان انڪار ڪيو وڃي
اھا حليم سان نھ پنھنجو پاڻ سان غداري ۽ دوکيبازي آھي
اياز لکيو آ:
”تون لنوائيندي بھ مون کان ڪيستائين؟
آئون تنھنجي دانھن آھيان“
حليم ھن قوم جي دانھن ھو.
”صديون ھڪ انسان
سو بھ تھ موھن جي دڙي
وانگر ٿيو ويران!“
حليم جھڙا انسان صدين جا پٽ ھوندا آھن
پر اھي اڪيلا ھوندا آھن
حليم بھ اڪيلو ھو
ويران ھو، موھن جي دڙي وانگر!
حليم اسان کي کلائيندو ھو
صرف اھو سوچي تھ جيڪا قوم
پنھنجو پاڻ تي کلي نھ ٿي سگھي
تاريخ ان قوم مٿان روئيندي آھي
حليم سنڌ کي ٽھڪ ڏنا
۽ سنڌ حليم کي چھڪ ڏنا
”مان توکي گيت ڏيان اي ڌرتي
تون مون تي زنجير وجھين!!“
اھا شڪايت اياز سوڌو سڀني ڪئي آھي
پر حليم ڪڏھن بھ اھا شڪايت نھ ڪئي.
حليم ھڪ مس فٽ انسان ھو
پنھنجي وقت کان اڳ جنم وٺندڙ
ھر انسان معاشري ۾ مس فٽ ھوندو آھي.
حليم بھ مس فٽ ھو
حليم وڏو ماڻھو ھو
تمام وڏو ماڻھو
پر ھن جي لاءِ
ھن جو دور ننڍڙو ھو
۽ اھو ننڍڙو دور
اڄ بھ داڦون ھڻي رھيو آھي
حليم بروھي لاءِ ھن جو دور
ھڪ ”اوڙاھھ“ ھو.
اھو اوڙاھھ اڄ بھ آھي
توڙي جو وسامي رھيو آھي
پر پوءِ بھ ڪي ”ساڃاھھ وند سانڍا“
ان اوڙاھھ کي ڦوڪون ڏئي رھيا آھن
اھو حليم ھو، جنھن سنڌي لپيءَ کي
ان رومن اسڪرپٽ جو روپ ڏيڻ چاھيو
جيڪا رومن اسڪپرٽ ھن جي موت کان پوءِ
ھر سنڌي ماڻھوءَ جو سھارو آھي
حليم وقت جي واھڙ ۾ وھڻ وارو بھ ھو
حليم عام مڇيءَ جھڙو ماڻھو نھ ھو
حليم اھو پلو ھو، جيڪو وير سان وڙھي
اڳتي وڌندو آھي.
لطيف لکيو آ:
”اک الٽي ڌار“
حليم جي اک الٽي ھئي.
جيڪڏھن ڪو مون کان پڇي تھ:
”حليم بروھي ڪير ھو؟“
تھ جيڪر مان ھن کي چوان
”حليم! سنڌ جو سقراط ھو“
سنڌ جو اھو سقراط
جيڪو نوجوانن جو دوست ھو
انھن نوجوانن ۾ ڪو ”ڪريٽو“ آھي
۽ ڪو افلاطون آھي
اھي حليم جا شارح آھن
اھي حليم جا عاشق آھن
انھن کي تھ خبر آھي
حليم ھڪ قوم ھو
حليم ھڪ ديس ھيو
حليم تھ بس حليم ھيو
ھو اڪيلو ھو پر اٿاھھ ھيو
ھو جيڪو بغاوت جي باھھ ھيو
ھو جيڪو علم ۽ عرفان جو بادل ھيو
ھو صرف مزاح نگار نھ ھو
ھو ھڪ مورخ ھو
ھو صرف ھڪ وڪيل نھ ھو
ھو ھڪ جج ھو
ھن جي فڪري فيصلن تي
تاريخ سدائين فخر ڪندي رھندي
پر اھا تاريخ ڪٿي آھي؟
ھي تھ ھڪ قبرستان آھي
جنھن جي سڪل وڻن مٿان
اونداھي رات جا چٻرا
چيخون ڪري رھيا آھن.