هڪ ئي وقت لاتعداد خوبين جو مالڪ سيد حيات علي شاهه بخاري بهترين ليکڪ، صحافي، مشهور مزاحيه نگار،ڪالم نگار ناٽڪ نويس فلمساز اداڪار، هدايتڪار، سماجي ورڪر سيد حيات علي شاھ بخاري اسان کان وڇڙي ويو سندس لاڏاڻي واري خبر تي يقين نٿو اچي ته ڪو اسان کان وڇڙي ويو آھي سائين حيات علي شاھ سان ريڊيو پروگرامن جي حوالي سان غائيبانه تعارف ته ھو پر ساڻس پھرين ملاقات 88ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ٿي بعد ۾ جڏھن انھي دور ۾ صحافت ۾ آيو ته ھڪ صحافي جي حيثيت سان نيازمندي ٿي جيڪا دوستي ۾ بدلجي وئي سيد حيات علي شاھ جو ڏاڏو افغانستان مان سنڌ ۾ آيو ۽ هٽڙي ۾ اچي آباد ٿيو ۽ اتي پنهنجو سيڌي جو دڪان کوليو ۽ لاشاري ذات مان شادي ڪيائين، سيد حيات علي شاهه بخاري 12 اپريل 1949ع تي سيد غوث علي بخاري جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ھٽڙي ۾ مڊل ۽ سيڪينڊري نورمحمد ھاء اسڪول حيدرآباد فسٽ ايئر انٽر سچل سرمست ڪاليج حاصل ڪئي ان بعد پاڻ زمين سنڀالي، پرائمري ۾ سندس استاد سيد صالح محمد شاهه جيڪو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڳوٺاڻي ڪچهري پروگرام ۾ فتح خان جي نالي سان مشهوري ماڻي، هيڊ ماستر سيد خدا ڏنو شاهه هو، جيڪو بعد ۾ پوليس ۾ آيو ۽ ايس ايس پي جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو، پنهنجي استاد سيد صالح محمد شاهه جا ريڊيو تي پروگرام ٻڌي کيس ريڊيو جي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق ٿيو ان وقت فنڪارن ۽ اداڪارن کي ريڊيو پروگرامن ۾ اچڻ لاءِ آڊيشن پاس ڪرڻو پوندو هو. 1967ع ۾ آڊيشن پاس ڪري ريڊيو ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، سندس پهريون پروگرام مزاحيه ڊرامو گلدستو هو. پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کانسواء ريڊيو پاڪستان ڪراچي خيرپورميرس لاء به ڊرامان لکيا ريڊيو لاء مجموعي طور 500 کان وڌيڪ ڊراما لکيا . سندس ساٿي اداڪارن ۾ هارون رند، الهه بچايو لغاري، عبدالسلطان، ميڊم مهتاب راشدي، عبدالحق ابڙو، مشتاق مغل، جيجي زرينا بلوچ، زرينا شيخ ۽ ٻيا شامل هئا. سندس ريڊيو ڊرامان سڀ مقبول ٿي پر نواب سراج دولها، ٽيپو سلطان ۽ ٻيا تاريخي ڊراما ڏاڍا مقبول ٿيا، پاڻ لاتعداد مزاحيه ڊراما به لکيا، هارون رند کيس فلمي دنيا ۾ وٺي ويو ۽ ڪراچي اسٽوڊيو ۾ اي ڪيو پيرزادو سان ملاقات ڪرائي ۽ ان جي فلم محبوب مٺا ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو. بعد ۾ فلم جيجل ماءُ جي ڪهاڻي لکي ان فلم ۽ فلم رت جي راند جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پڻ ٿيو ۽ انهن فلمن ۾ اداڪاري به ڪئي، ان سان گڏ پاڻ پي ٽي وي تي پهرين ڊرامن ۾ ڪم ڪيو ۽ بعد ۾ ڊراما لکيا، ڪراچي مان کيس عنايت حسين لاهور فلم اسٽوڊيو وٺي ويو. جتي هن 2 سنڌي فلمون ديدار سڄڻ ، غريبن جو يار ٺاهڻ شروع ڪيون پر بدقسمتي سان اڌوريون رهجي ويون. ان بعد مشهور فلم دوغلا سندس ڊائريڪٽري ۾ ٺهي، جنهن ۾ سلطان راهي، آسيا، علائو الدين، افضال، عشرت چوڌري ۽ ٻين مشهور اداڪارن اداڪاري ڪئي، ان بعد هن سنڌي فلم پوتي ۽ پڳ ۽ سنڌو جو قسم فلم ٺاهي پر رليز نه ٿي. پي ٽي وي تي سيريل خواب ۽ خواهشون، سولو پليزجڏھن ته سنڌ ٽي وي مھراڻ ٽي وي آواز ٽي وي لاءِ لاتعداد ڊرامان لکيا جن ۾ سنڌ ٽي وي جي سريل ڊرامو چنڊ گرهڻ ڏاڍو مقبول ٿيو مختلف ٽي وي چينلن لاءِ ڪيترائي سولو پليز ڊراما لکيا پاڻ ريڊيو ۽ مختلف نجي ٽي وي لاء ڪيترن ئي ڪمرشل پروگرامن جا به اسڪرپٽ لکيا ريڊيو دنيا جا دوست ٻڌائين ٿا ته ڪڏھن ڪڏھن کيس چيو ويندو ھو ته سڀاڻ ڊرامون لکي کڻي اچ ته پاڻ رات جاڳي ڊرامون لکي ٻئي ڏينھن کڻي ايندو ھو مزاحيا ڊرامان مزاحيه اخباري ڪالم غضب جا لکندو ھو مزاحيا انداز ۾ لکڻ وارا ھاڻ تمام.گھٽ رھيا آھن جيڪي حياتي آھن انھن ۾ سيد حيات علي شاھ جو وڏو نالو ھو پاڻ 88ع ڌاري صحافت ۾ پير پاتو روزاني نجات ۾ نيوز ايڊيٽر رھيو ان بعد سنڌ نيوز، خادم وطن، ڪاوش ۾ ڪم ڪيو. ڪاوش ۾ پهريون فلمي ايڊيشن هن ڪڍيو. بعد ۾ 90ع ڌاري روزاني عبرت حيدرآباد ۾ آيو جتي آخري دم تائين رھيو عبرت ۾ سب ايڊيٽر رھيو پاڻ عبرت ۾ زرعي صفحو کيتي سرسيتي ۽ سندر صفحو پڻ ڪيترائي سال ڪڍيو جڏهن ته عبرت ۾ 30 سالن کان مزاحيه ۽ سماجي قسم جا ڪالم ۽ آرٽيڪل لکندو رهيو جڏھن ته ڪجھ وقت سوڀ ۾ به ھفتيوار ڪالم لکيا . کيس ريڊيو پاڪستان جو بهترين ڊراما ليکڪ جو ايڪسيلينس ايوارڊ ملڻ کانسواءِ سڄي سنڌ مان علمي، ادبي، ثقافتي، سماجي تنظيمن پاران ايوارڊ مليا آهن. سندس پسنديده اداڪارن ۾ دليپ ڪمار، علائو الدين فنڪارن ۾ لتا، نورجهان، عابده پروين ، سرمد سنڌي رھيا شروع ۾ پاڻ شاگرد بخاري جي نالي سان شاعري به شروع ڪئي، ڪجهه شعر به لکيا پر ان فيلڊ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو، شاگردي واري دور کان کيس ادب سان شوق رهيو آهي. تاريخي ، ادبي، اسلامي ڪتاب سندس مطالعي ۾ رهيا بانو قدسيه جو ڪتاب راجا گدهه سراج الحق جو پڙاڏو سوئي سڏ پسنديده ڪتاب ھئا. سندس ڊرامن ۾ راجڪماري جيڪا تاريخي سيريل هئي گهوٽ گهمي گهر آيو. خواب خواهشون وڌيڪ پسند ھئا ، سندس آئيڊل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ھو
سيد حيات علي شاهه سان ھڪ دفعي ڪچھري ڪندي مون سوال ڪيو ته سائين ھڪ سوال اھو ته زندگي ۾ ڪيترائي عشق ڪيا پر سچ سچ ٻڌايو پاڻ کلندي چيو ته جي سچ پڇين ٿو ته سڇ اھو آھي ته زندگي ۾ عشق ته ڪافي ڪيا پر ھو پيار جي رڻ ۾ ۾ اڪيلو ئي رهيو آهي.
سيد حيات علي شاھ اسان جو پراڻو دوست ھو ساڻس نياز مندي سان گڏ ھجت به ھئي سندس عبرت ۾ شايع ٿيندڙ هفتيوار مذاحيه ڪالم خاص طور تي سنگت وارن تي مزاحيا انداز ۾َ لکندو ھو سندس پھنجو انداز ھو پاڻ دل جو صاف نيڪ نيت سچو انسان سڀ جو خير خواه ھو سندس دوستن جو حلقو وسيع ھو پر مون فقير کانسواء محمد مٺل.جسڪاڻي ارشد شاھ غلام.حسين خاصخيلي حميد ابڙو ڊاڪٽر نثار ميمڻ مير اعظم ٽالپر سان وڌيڪ ھجت رھي کيس فلمي دنيا جي وڏي ڄاڻ ھوندي ھئي پاڻ شوبز جي دنيا جي يادگيرن کي ھڪ ڪتاب به لکيو پر غريب ھئڻ ڪري ڇپائي نه سگھيو اھو ڪتاب ڇپائيڻ سنڌي ٻولي جي خود مختيار اداري کي ڏنو پر انھن اھو چئي ڪتاب جو مواد واپس ڪيو ته ان موضوع تي ڪتاب ڇپائيڻ اداري جي پاليسي نه آھي ڪجھ مھينا اڳ مونکي به چيو ھئائين ته نور اوھان جس ثقافت کاتي ۾ سٺي ڄاڻ سڃاڻ آھي متعلق سيڪشن جي آفيسر سان ملي ڪتاب ڇپرائي ڏي مون اھو ڪتاب ڇپائي ڏيڻ جي ڪوشش به ڪئي پر ڪاميابي نه ٿي ساڻس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد روزاني عبرت جي آفيس ۽ ماڪا پريس تي وڏا ڪھرا ٿيندا ھئا سندس ڪچھري جو منفرد انداز ھو سندس ڪچھري مان ڪير به ٿڪبو نه ھو پاڻ فلمي ريڊيو صحافتي دنيا کان وٺي ملڪي سياست سماج کان وٺي ھر موضوع تي بھترين انداز ۾ ڳالھائيندو ھو مرحوم ڪجھ مھينن کان بيمار ھو سندس ھيٺيون ڌڙ ڪم ڇڏي ويو ھو.ان ڪري اٿڻ ويھڻ ۾ کيس تڪليف ٿيندي ھئي 2آڪٽوبر 2020ع تي پاڻ دم ڌڻي حوالي ڪري اسان کان وڇڙي ويو سندس جسم خاڪي کي ھيراآباد حيدرآباد واري رھائيش گاه تان کنيو ويو سندس آخري سفر ۾ ھر ماڻھون جي اک.آلي ھئي کيس ھٽڙي ويجھو ابائي قبرستان ۾ سندس والد ۽ امڙ جي پيراندي کان ڌرتي ماء جي ھنج حوالي ڪيو ويو ھر وقت کل ڀوڳ ڪندڙ دوستن سان ڪچھريون ڪندڙ مڻين مڻ مٽي ھيٺان آرامي وڃي ٿيو سندس لاڏاڻي تي اسان سندس ڀاء سيد عابد علي شاھ فرزند سيد غوث علي شاھ ۽ ٻئي سوڳوار خاندان سان تعزيت ۽ ۽ دلي ھمدردي جو اظھار ڪندي مالڪ سائين جي در دعا ٿا گھرون ته مرحوم سيد حيات علي شاھ کي پھنجي ڪرمن سان جنت الفردوس ۾ جڳھَ عطا فرمائي آمين
عورت کا سلیقہ
میری سَس کہا کرتی تھی ۔ "عورت کا سلیقہ اس کے کچن میں پڑی چُھری کی دھار بتادیتی ہے ،خالی...