امرجليل ۽ ارون ڌتي راءِ
ڪي ماڻهو پنهنجي وطن ۾
جلاوطن هوندا آهن!
ڪي ماڻهو پنهنجي دور جا
دروهي هوندا آهن!
ڪي ماڻهو مرزا غالب جيان
غمگين هوندا آهن!
۽ لکندا آهن:
“مان ان باغ جي بلبل آهيان
جيڪو اڃان پيدا نه ٿيو آ”
صرف ان سٽ جي سهاري تي
شيخ اياز لڙڪ لڪائي لکندو رهيو
۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪوئي ڳوڙهو
هن جي ڪاغذ تي ڳڙيو
ته اهو اها شعر بڻجي ويو:
“ڇنا ٻيا به ته کوڙ
رکو منهنجي منهه تي
ايڏي مينهن پتوڙ”
جڏهن هڪ اديب
پنهنجي دور جو مجرم ضمير ٿي لکندو آهي
تڏهن اهو هند ۾ ارون ڌتي راءِ
۽ سنڌ ۾ امر جليل ٿي پوندو آهي!
اڄ اهو امر جليل گندن روين جي گهيري ۾ اچي ويو آهي
هن سان اهو ڪجهه ڪيو پيو وڃي
جيڪو انڊيا ۾ ارون ڌتي راءِ سان!!
۽ هو قلم جي صليب تي لڙڪي
صرف اهو ٿا چوڻ چاهن:
“شهر تنهنجو هاءِ سانول
ڄڻ نئون يروشلم
زندگيءَ جي اک ۾ آنسو
۽ سندس سيني ۾ غم
پٿرن، گارين جو هي وسڪار ڏس پنهنجي مٿان
پوءِ به پنهنجي سوچ آهي
ڪهڪشان در ڪهڪشان”
اڄ انڊيا ۾ ارون ڌتي راءِ تنقيد جي طوفان ۾
ڪنهن پرچم وانگر ڦڙڪي رهي آهي
اڄ سنڌ ۾ امرجليل بدر ابڙي جو اهو شعر بڻجي ويو آ
“جيون ڇاهي
دل جهڙو ڪو ڦاٽل ساٽل پرچم آهي”
اهو امر اڄ پنهنجن ڪهاڻين وانگر اداس آهي
جنهن جا ڪردار ڪراچيءَ ۾
“بارنيس اسٽريٽ” جا غنڊا هئا
جنهن جو پس منظر اسلام آباد جو اڪيلو جهنگ هو
اهو شخص جنهن کي سنڌوءَ چيو هو
“منهنجي آڏو ٿيءُ”
ان شخص وراڻيو هو
“اسان عبادت گاهن کي پٺي نه ڏيندا آهيون”
اڄ ان شخص کي ان سنڌوءَ جو ڏوهي قرار ڏنو پيو وڃي
۽ سنڌوءَ جي سڪل اکين ۾
ايترا ڳوڙها آهن
جيترا ڳوڙها
هن جو ڪجل پسائڻ لاءِ به
ڪافي ناهن!!
“