گليان پريم نگر ديان…..
نه مهانگا ساز
نه ماهرآواز
نه راڳي علم جا راز
نه ڪيمرا جا ڪمال
نه جلون جا جمال
نه معنائون محال
نه وڇوڙا نه وصال
پوءِ به قلندر لال
تنهنجي در جي ڌمال
۾ ڪجهه ته آهي!
اهو ڪجهه جيڪو علڻ فقير جي “الا” ۾ هو
هو جڏهن دل جي چوڻ تي ڳائيندو هو
“هو………!!
اسان ستل هاسين ننڊ نشي وچ
آڪر ڪنهن جاڳايا
مست بڻايا….!!”
اهو جيڪو پٺاڻي خان جي جيءَ جلا ۾ هو
جڏهن هو سوز سان سر سوريندي ٻوليندو هو
“ميڏا عشق وي تون
ميڏا يار وي تون….”
جڏهن فقير سهراب فقير
جسم جي فنا بڻجي
عشق جي بقا بڻجي
سادن سازن سان وڙهندي ڳائيندو هو
۽ سرمد جي صوفي صدا ورجائيندو هو
جڏهن هو اجرڪ پهريل ڇوڪرين
۽ جينز پاتل ڇوڪرن کي نچائيندو هو
مستيءَ ۾ ساري سنڌ کي ٻڌائيندو هو
“گليان پريم نگر ديان
گليان پريم نگر ديان
حضرت عشق گهمائيان…..!”
تڏهن هي ديس
پنهنجو سيس
نوڙي نمائيندو هو
صوفي صدائن ۾ ڪجهه ته هو
ڪجهه ته هو
جيڪو اڄ ناهي
ته ائين ٿو لڳي
ڄڻ طرب جي طعام ۾
اهو لوڻ جو ذورو ناهي
جيڪو زبان جو ذائقو
۽ اکين جو اجرو لڙڪ ڦڙو هوندو آهي!
“