سنڌ جي ادبي پورهيت
تاج جوئي
فون ڪيو
۽ چيو:
”اياز ميلي ۾
تنهنجي اظهار جو عنوان آهي
”شيخ اياز جا فڪري سرچشما“
۽ مان سوچي رهيو آهيان
هن جي باري ۾ڇا لکان!؟
هو جنهن مون کي
ادب سان آشنا ڪيو
هو جنهن شڪارپور جي هڪ
غريب ۽ ٻاتي ڇوڪري کي
اهميت ڏني
۽ هن کي پنهنجي سکر واري
گهر جي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾
ان شام ويهاريو
جنهن شام جهڙڦڙ سبب
سکر جون بتيون
اجهاميل هيون
۽ سنڌوءَ مٿان جهڙالي آسمان جي سيني تي
وڄ ڪنهن اڃايل وينگس وانگر وڪڙ کائي رهي هئي!
۽ اياز جي ننڍڙي ڪب خاني ۾
هڪ لالٽين ٻري رهيو هو
۽ ان جي پسمنظر ۾
انگريزي ڪتابن سان ڀريڪ ڪٻٽ
۽ انهن جي مدهوش ڪندڙ خوشبو
۽ ان چرس جي نشي جهڙي ماحول ۾
سنڌ جي ادبي ديوتا آڏو
ويٺل هو هڪ غريب ۽ گگدام ٻار
جنهن جي عمر سورنهن سال مس هئي
اها ملاقات نه هئي
اهو هڪ معجزو هو!
آئون اعتراف ڪرڻ ٿو چاهيان
ته منهنجي ادبي چاهه کان وڌيڪ
هن جي نظر ۾ ان ڳالهه جي اهميت هئي ته
مان هن جي ننڍڙي پٽ جو دوست آهيان
هن جو اهو ننڍڙو پٽ جنهن جو نالو سرمد آهي
۽ هو پنهنجي پوري مزاج ۾ پنهنجي نانءَ جي معني آهي!
اهو اياز، جنهن پهرين ملاقات ۾ هن جي هٿ ۾
پنهنجي سڀ کان سهڻي ڊائري
ان ڪتاب جي صورت ۾ ڏني هئي
جنهن جو نالو آهي”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“
ان ٻار اهو ڪتاب سکر کان شڪارپور ويندڙ ويگن جي
جهيڻي جهڪي روشنيءَ ۾ پڙهيو هو
۽ هن کي ائين لڳو هو ته:
”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ نالي هڪ ڪتاب
تصورن ۽ سپنن جو ڪو ڪوهه قاف آهي!
اهو ڪتاب پهاڙين جي پاڇن ۾ احساسن جو
هڪ سندر سپنو هو
هڪ اهڙو سپنو جيڪو ساڀيان سان سينو ساهي بيٺو هو
جيڪو بلند آواز وارو باغي هو
جيڪو هر فڪر ۽ فلسفي سان
وڙهڻ لاءِ هر وقت تيار هو
هو جيڪو ڀوربن ۽ سيدو شريف
جي خماريل ۽ نمناڪ رستن جي
لڙکڙائيندو ويندو هو
۽ صبح جو سوير
ميران جي ڀر مان اٿي
لکڻ واري ٽيبل تي ويهندو هو
هو مسلسل چانهن سان گڏ سگريٽ
ڇڪيندو ويندو هو
۽ هن جو قلم
ڪاغذ جي مٿان
ڪميت گهوڙي وانگر
”ٽاپ….ٽاپ…“ ڪندو هلندو هو
۽ هو لکندو هو
انهن جپاني هائڪو جي باري ۾
جنهن جو دلربا داستان
جيڪڏهن ”باشو“ ۽ ”اسا“ به ٻڌي وٺن ها
ته انهن جي اکين مان
هائيڪو جهڙا لڙڪ لڙي پون ها
ان ڪتاب ۾ ”اياز“ جا واضع اشارا هئا
ته آرٽ جي پنهونءَ جو پنڌ پرانهون آهي
مان اڪثر سوچيندو آهيان
ته ”ڇا اياز هڪ شاعر هو؟“
منهنجي مرڪي پيل من تي
اهو جواب به تري ايندو آهي ته:
”هو اتر سنڌ جو وڏو وڪيل به هو“
هو جنهن کي سکر جا سمورا نوجوان وڪيل
”استاد“ جي نالي سان سڏيندا هئا
۽ سڀني کي خبر هوندي هئي ته:
”استاد معنيٰ اياز“
پر ڇا هو صرف سکر جي وڪيلن جو استاد هو؟
اياز اصل ۾ سنڌ جي سمورن اديبن ۽ دانشورن جو
هڪ عالمي سطح وارو عظيم استاد هو!
اهو اياز هو
جنهن اسان کي سموري عالمي ادب سان آشنا ڪريو
هن ٻڌائي ”خليل جبران“ جي خبر
”ڪاليداس“ جي ڪهاڻي
۽ رودڪيءَ جو فارسي رومانس!
هو صرف مشرق جو نه پر مغرب جو به
عظيم ادبي سياح هو
هو روس، جرمني، فرانس، اٽلي ۽ انگستان جي اديبن کي
ائين پڙهندو هو، جيئن اڄ ڪلهه اسان عام خبرون پڙهندا آهيون
هو نه صرف سنڌ جي گهٽ پڙهيل نقادن جي نڙگهٽ تي
آڱوٺو هوندو هو پر هو نام نهاد سياسي دانشورن جي
بولتي بند ڪرائي ڇڏيندو هو
جڏهن هو لکندو تڏهن فن ۽ فڪر جي ڌرتي
زلزلي ۾ آيل سرزمين جيان ڌڏندي هئي!
هو ئي ته هو!
جنهن اسان کي ڏنا ادب جي اڳاهين سفر جا پنڌ پار
جنهن اسان سان ادبي ”اک ٻوٽ“ به کيڏي
جنهن اسان کي مشرق توڙي مغرب جي مطالعي ۾
ائين ڦيرايو، جيئن کوهه مان نار پڙندي آهي.
هن سنڌي ادب کي عالمي ادب سان سيراب ڪيو
هن سنڌي پڙهندڙن جي سامهون
پوري دنيا جون فڪري ۽ سياسي تحريڪون کولي رکيون
هن هر تصور ۽ هر تخيل کان بغاوت ڪئي
هن هر خيال ۽ هر احساس کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي
هن جي فڪري سرچشمن جي باري ۾ ڇا لکجي؟
صرف هن جي ان پهلوءَ تي پورو ڪتاب لکي سگهجي ٿو
پر ڪير لکي؟
ڪير لکي؟
ڪير لکي؟
کیا حرف ع جس لغت میں ہو وہ عربی کا ہو گا؟
اردو کا ہر وہ لفظ، جس میں حرفِ "عین" آتا ہو، وہ اصلاً عربی کا ہو گا! مرزا غالب اپنے...